Friday , March 29 2024

پوليس شهيد تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو،خانو نوحاڻي ساٿين سميت جيل حوالي

حيدرآباد (سنڌسماءَچار نيوز) شهيد تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس چالان پيش ناهي ڪيو، پوليس جوابدارن کي 11 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليندي ايندڙ شنوائي تي قتل ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

حيدرآباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي 11 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته جوابدارن جو پوليس رمانڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ کين دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس ڪيس جو چالان اڃا تائين پيش نه ڪري سگهي آهي، جاچ آفيسر سراج لاشاري جوابدارن خانو نوحاڻي، علي نوحاڻي ۽ مولا بخش نوحاڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن کان جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، قانوني ماهرن سان صلاح مشورو ڪري ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويندو، جاچ آفيسر موجب تانيا خاصخيلي کي دوستي نه رکڻ تي خانو نوحاڻي قتل ڪيو. جنهن بعد عدالت ٽنهي جوابدارن کي سينٽرل جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو.

حيدرآباد جي سول سوسائٽي تانيا قتل ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ايڊووڪيٽ علي پلهه دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت مان ڪيس جي ڪاپي وٺي ڇڏي آهي، سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تانيا خاصخيلي جي قتل واري واقعي کانپوءِ ڄامشورو، دادو سميت سڄي سنڌ ۾ نياڻين جا والدين خوف ۾ مبتلا آهن، تانيا خاصخيلي جي قتل واري ڪيس ۾ تمام گهڻا خال آهن، جيڪي نه ڀريا ويا ته پوءِ دهشتگردي ايڪٽ وارا سمورا قدم ختم ٿي ويندا، ڪيس کي تمام گهڻي غور ويچار سان ڏسي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، پوليس جي آسري ڪيس کي نٿو ڇڏي سگهجي. دادو نوجوان اسٽوڊنٽس تحريڪ جي ڪارڪنن عابد حسين پنهور، علي رضا ٻٻر، دريا خان پنهور، ظهير سولنگي، فيصل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته تانيا جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *