Thursday , March 28 2024

پوليس رولز ۾ ترميم نه ٿي ته معاملو پاڻ ڏسنداسين، ترميم لاءِ سڄي عمر ناهي ڏني:جسٽس منيب اختر

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن باوجود سنڌ ڪابينا پوليس رولز ۾ ترميم ناهي ڪري سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس رولز ۾ تبديلي لاءِ سڄي عمر جو وقت ناهي ڏنو، سنڌ ڪابينا جي اجلاس جا تفصيل 26 فيبروري تائين پيش ڪيا وڃن. جيڪڏهن پوليس رولز  ترميم رولز ٺاهڻ ۾ دير ٿي ته عدالت پاڻ معاملي جو جائزو وٺندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت آڏو پيش ٿي موقف ڏيندي چيو ته، عدالتي حڪم تي سنڌ سرڪار 4 اپاءُ ورتا آهن، آءِ جي سنڌ کي به ڪابينا جي اجلاس ۾گهرايو ويو، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

درخواست گذار فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سنڌ ڪابينا جو  اجلاس 2 ڀيرا ٿيڻ باوجود وڏي وزير ۽ ڪابينا، پوليس رولز واري فيصلي تي عمل نه ڪرايو آهي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس رولز ٺاهڻ لاءِ پوري عمر جو وقت نه ڏنو هو، رولز ٺاهڻ ۾ دير ٿي ته عدالت معاملي جو جائزو وٺندي. عدالت 19 فيبروري تي ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس جا 26 فيبروري تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *