Wednesday , April 24 2024

آپريشن ردالفساد جاري، سنڌ سميت ملڪ مان شڪي، دهشتگرد ۽ ڏوهارين سميت 450 گرفتار

Police alert1

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد تحت افغانين ۽ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويوآهي، جنهن دوران وڌيڪ 450 کان مٿي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪالهه به شڪي ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري رکيون ويون، سنڌ مان 239 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ ڪراچي پوليس قومي ايڪشن پلان تحت ڪارروائي ڪندي افغان، ازبڪ ۽ بنگالي شهرين سميت 70 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ گلبرگ جي ايس پي بشير بروهي ٻڌايو ته ڪالهه گلبرگ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي مختلف علائقن مان افغاني، ازبڪ ۽ بنگالين کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي، ٻئي طرف ملير پوليس حسن پنهور ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري 10 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، شاهه لطيف پوليس موجب گرفتار ڪيلن ۾ باز مير، عبدالمحمد، گل احمد، مراد خان ۽ نظر محمد شامل آهن، سکر ضلعي ۾ پوليس جو افغانين خلاف آپريشن، 30 ڄڻا گرفتار، رپورٽ موجب سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ غير قانوني طور ترسيل افغاني پناهگيرن خلاف پوليس اسپيشل برانچ توڙي ٻين حساس ادارن جي تعاون سان ڪارروائي ڪري 30 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو،

POlice 5

 مليل ڄاڻ موجب گرفتار افغانين کان حساس ادارن پڇا ڳاڇا وارو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، ابتداعي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گرفتار ٿيل پٺاڻ سڏائين ٿا پر کين پشتو ٻولي نٿي اچي، اهي چمن بارڊر ذريعي ڪوئيٽا پهچن ٿا، جتان وري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پهچندا آهن، هوڏانهن خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي پوليس طرفان چيڪنگ، توڙي ڇاپن دوران گرفتار ڪيل 50 کان وڌيڪ مشڪوڪ ماڻهن ۽ افغانين جا شناختي ڪارڊ تصديق لاءِ نادرا ڏانهن اماڻيا ويا آهن، مٽياري پوليس شڪ جي بنياد تي 7 شڪي پٺاڻن سوات واسي ابراهيم خان، عمر زاد، مختيار خان، صاحبزادو، لالا زاد خان، نجمل زاد خان ۽ دائود خان کي گرفتار ڪري ورتو، ٽنڊوالهيار ڀرسان پيارو لنڊ پوليس ٻن افغانين عبدالصمد خان اچڪزئي ۽ خدائي خان کي گرفتار ڪري ورتو، جن پوليس کي ٻڌايو ته روزگار لاءِ آيا آهيون، سيوهڻ مان پوليس پٺاڻ برادري جي گهرن تي ڇاپا هڻي جاندار خان، ڪبير خان، مالڪ خان ۽ ابراهيم خان کي گرفتار ڪري سي ٽي ڊي پوليس حيدرآباد حوالي ڪري ڇڏيو، ڪرمپور پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپاهڻي نقيب پٺاڻ، يعقوب، شاهزيب، گل، منصور، محمد برات، نوريز، آدم خان، علي محمد، اسماعيل پٺاڻ سميت 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، 15 ڄڻن کي ڪوئيٽا جا رهواسي هجڻ ڪري ڇڏيو ويو، پوليس موجب نقيب الله پٺاڻ وزيرستان جو رهواسي آهي، کانئس جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪب آباد سي آءِ اي پوليس ٻن افغانين تنقيد الله خان ۽ محمد عظيم خان پٺاڻ کي غير قانوني رهائش جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب  وٽن ويزا ۽ پاسپورٽ ناهي، مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو، خيرپور جي اي سيڪشن پوليس 12 افغانين تلاوت خان ۽ سلمان پٺاڻ، جڏهن ته بي سيڪشن پوليس امين الله ۽ بهاول خان پٺاڻ، سي سيڪشن پوليس سليمان خان ۽ پاندي خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، پريالوءِ پوليس محمد شاهد پٺاڻ ۽ محمد بنارس پٺاڻ کي گرفتار ڪيو، پوليس موجب ٻئي افغانستان جا رهاڪو آهن، عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو آهي، پير ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 20 کان وڌيڪ پٺاڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيوآهي، واهي پانڌي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي غير قانوني رهائش پذير هئڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي، نوابشاهه جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ڇاپا هڻي 37 افغانين کي گرفتار ڪيو آهي، ڊي ايس پي مبين پرهياڙ موجب 37 غير ملڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي، ڀرياسٽي جي سٽي پوليس ڇاپو هڻي هڪ افغاني خان محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيوآهي، ڀرياروڊ ڦاٽڪ وٽان پڻ افغاني پٺاڻ محمد خان پٺاڻ پٽ گل محمد کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيوويو، مٺياڻي پوليس هڪ افغاني نوروز پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي، خانواهڻ، پوليس هڪ افغاني قدرت الله پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هالاڻي ۽ لاکاروڊ پوليس هڪ شڪي افغاني تاج محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو 20 سالن کان ڪپڙا وڪرو ڪندو آهي، مورو پوليس شهر ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي 2 افغانين زرخان ۽ ولي خان ۽ رحمت خان کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ٽنهي تي ڪيس داخل ڪري عدالت مان رمانڊ وٺي ڇڏيو آهي، سڪرنڊ تعلقي مان پوليس 4 افغانين فضل الرحمان، عمران الله، آفتاب احمد ۽ عبدالرزاق کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري کين جيل اماڻيو ويو، ڪنڊيارو پوليس ڇنڊڻ موري ٺارو شاهه لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪندي هڪ افغاني پٺاڻ ظاهر شاهه کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس مطابق گرفتار جوابدار وٽ شناخت ڪرڻ لاءِ شناختي ڪارڊ نه آهي ۽ هو افغانستان جو رهواسي آهي، پڊعيدن پوليس ڀائي خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس افغاني هجڻ جي الزام هيٺ مٿس فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڌاٻيجي پوليس هڪ افغاني منگل خان کي گرفتار ڪيو، کپري مان حضرت خان کي گرفتار ڪيو ويو، ڦل شهر مان پوليس عرفان خان کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي پاسي اتروزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ پاڪ فوج ڪارروائي ڪندي هٿيارن ۽ بارود جو وڏو مقدار قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته چارسده تنگي مان 6 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، رڳو پنجاب مان وڌيڪ 200 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، جن ۾ لاهور، پنڊي، ڀٽيان، وهاڙي، ڪنديان ۽ ڊيرا غازي خان ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، ڪوئيٽا مان به 12 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ٻئي طرف ميرپور ٻرڙو ڳوٺ ۾ پوليس آپريشن ڪري هوٽلن ۽ ڀرپاسي ۾ ڇاپا هڻي 45 شڪي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف نئين ديري ۾ پوليس 5 افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

police 4

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *