Friday , March 29 2024

”پنهنجي موقف تي قائم آهيان ته اسٽبلشمينٽ اڻڌري آهي“: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينٽ چيئرمين جي اميدوار يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته”مان اڃا به پنهنجي موقف تي قائم آهيان ته اسٽبلشمينٽ سينيٽ اليڪشن کان وٺي اڃا تائين اڻڌري بڻيل آهي ۽ مان ئي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويندس”.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني چيو ته، سينيٽ چيئرمين لاءِ اسان جو انگ نه رڳو پورو آهي پر ڪجهه ووٽ وڌيڪ ملڻ جي به اميد آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ يوسف رضا گيلاني چيو ته، سينيٽ اليڪشن کان وٺي اڃا تائين اسٽبلشمينٽ اڻڌري آهي، مون کي پڪ آهي ته مان ئي سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندس. ياد هجي ته يوسف رضا گيلاني سينٽ الکيڪشڻ کان اڳ اسللام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته هاڻي اسٽبلشمينٽ اڻڌري بڻجي وئي آهي ۽ اُها سينٽ اليڪشن ۾ ڪي روڙا نه اٽڪائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *