Friday , March 29 2024

پنهنجي اولاد کي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائيندس: ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان

پشاور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي ويجهي ساٿي ۽ ڪي پي جي وڏي وزير پنهنجي اولاد کي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، اسڪول نه وڃي سگهندڙ ٻارڙن کي داخلائون ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين ۽ هلندڙ سال 8 لک ٻارڙن جي داخلا جو ٽارگيٽ رکيو آهي. پشاور ۾ تعليمي سڌارن ۽ ٻارڙن کي اسڪولز ۾ داخل ڪرائڻ بابت صوبائي حڪومت جي پروگرام ” بستا اٺائو اسڪول جائو“ (ٿيلهو کڻون – اسڪول هلو) پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي پزير محمود خان چيو ته، وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي منشور ۾ شامل آهي ته، تعليمي سڌارا آڻڻ سان گڏ اسڪولن کان ٻاهر سمورن ٻارڙن کي اسڪولز ۾ داخل ڪيو ويندو. هن چيو ته، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. محوم خان اعلان ڪيو ته، سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليمي نظام سڌارڻ لاءِ هُو پنهنجي ٻارڙن کي به سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائيندو.

ڪي پي جي وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته، مهم جي پهرين سال (هلندڙ سال) دوران 8 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلي جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي، جيڪو هر حالت ۾ نه رڳو حاصل ڪنداسين پر ان سان گڏوگڏ تعليمي نظام ۾ سڌارا آڻي سرڪاري تعليمي ادارن جي حالت سڌارفي ويندي. ان موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار ضيا  بنگش جو چوڻ آهي ته تعليم بابت وزير اعظم عمران خان جي  ويزن تي ڪم جاري رکنداسين. تعليم جي شعبي ۾ گذريل دورن ۾ خيبر پختونخواهه ٻين صوبن کان اڳتي رهيو. هن چيو ته استادن جي مسئلن جي حل لاءِ به ڪم ڪنداسين. ڪوشش آهي ته مهم دوران وڌ کان وڌ ٻار داخل ٿين. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمدو خان چيو ته 5 سالن جي محنت آهي جو عوام ٻيهر چونڊيو آهي. هاڻ ذميواري وڌيڪ آهي ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *