Friday , March 29 2024

پنج سال پورا ٿيڻ وارا – نيٺ پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا ياد اچي ويا

حيدر آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي حڪومت جا پنج سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، هاڻي نيٺ پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا ياد اچي ويا آهن، پاڻي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف هٽڙي باءِ پاس تي خورشيد شاهه ۽ مولا بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي به ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان سان ماٽيلي ماءَ جهڙو ورتاءَ ڪري رهي آهي، ڇا سنڌ ۽ بلوچستان پاڪستان جو حصو ناهن؟. پاڪستان پيپلز پارٽي پاران حيدرآباد ڀرسان هٽڙي بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ پ پ  جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت 5 سالن دوران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو، ڇا سنڌ ۽ بلوچستان پاڪستان جو حصو ناهن؟

 هن چيو ته  پ پ  هميشه وفاق کي مضبوط ۽ ن ليگ جي حڪومت ڪمزور ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام هميشه ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي وڪالت  ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ئي پاڪستان کي ٺاهيندڙ پرڳڻو آهي، ان سان وفاق جو اڍنگو رويو افسوسناڪ آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ن ليگ حڪومت پاڻي بند ڪري آبادگارن کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سنڌ جي عوام ۽ آبادگارن سان گڏ بيٺي آهي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊئي چيو ته وفاقي حڪومت ننڍن صوبن کي ڪابه اهميت نه ڏني آهي.هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪمرانن  پ پ جي احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ته سنڌ ، پنجاب جي دنگ تي احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ن ليگ ملڪ جي ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اها ملڪي نظام جي پٺيان هٿ ڌوئي پئجي وئي آهي.

ان موقعي ڌرڻي کي خطاب ڪندي  پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته وفاقي حڪمران سنڌ کان ووٽ نه ملڻ تي بدلو وٺي رهيا آهن.وفاقي حڪمران نه صرف نااهل ٿي چڪا آهن، پر بي ايمان به آهن. ڌرڻي جي موقعي تي پ پ جي عورتن خالي دلا ۽ پاڻي جا ٿانو کڻي احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هاڻ وفاقي حڪمرانن سان هڪ هڪاڻي ڪنداسين.ڌرڻي ۾ پ پ اڳواڻن نواب يوسف ٽالپر، مير منور ٽالپر،سينيٽر ڪرشنا ڪماري،سسئي پليجو، غلام قادر پليجو ،ڄام خان شوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *