Friday , March 29 2024

پنج سئو رپين جا نه پر 120 ارب جا ٽئڪس لڳايا آهن، مهانگائي تي صوبا ضابطو آڻين: اسحاق ڊار

Dar PC

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪو به ڳجهو ٽيڪس نه لڳايو آهي ۽ نه ئي اهڙا ڪي ٽيڪس لڳايا آهن، جنهن سان عام ماڻهوءَ تي بار پوي، نان فائلرز جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، کير مهانگو نه ٿيو آهي، حڪومت 500 ارب جا نه پر رڳو 120 ارب جا ٽيڪس لڳايا آهن،  جڏهن ته مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ 33 ارب جو رليف ڏنو ويو آهي. نان فائلرز جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏينداسين ۽ انهن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا. کاڌي پيتي جي شين تي ڪو ٽيڪس نه هنيو آهي، ان ڪري صوبن کي چونداسين ته اهي هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪن.

وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ پنهنجي آفيس ۾ پوسٽ بجيٽ بريفنگ ڏيندي ڪيو، نئين مالي سال جي بجيٽ جا تفصيل پيش ڪندي اسحاق ڊار چيو ته باقي شعبن کان دفاع کي وڌيڪ اوليت ڏني آهي، پهريون دفعو پي ايس ڊي پي 10 کرب کان وڌيو آهي، اهو صوبن سان گڏ 21 کرب کان وڌيڪ هوندو، زرعي قرض کي 700 ارب تائين وڌايو جنهن جي نئين مالي سال دوران 1001 ارب ٽارگيٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته، مهانگائي 6 سيڪڙو کان گهٽ رهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته، هلندڙ مالي سال دوران جيڪو هڪ رپيو به کنيو ته ترقياتي پروگرام لاءِ کنيو آهي، واپاري مالي خساري باوجود خصوصي قرضن کي 60 سيڪڙو جي ڊي پي کان گهٽ ڪيو، ان کي بحال رکنداسين، ڪرنٽ خرچن کي افراط زر کان وڌڻ نه ڏينداسين. 10 لک نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ تربيت ڏني ويندي، هڪ خصوصي اسڪيم شروع ڪيون پيا،جنهن تحت 20 لک خاندانن لاءِ 50 هزار تائين قرض ساڍا 9 سيڪڙو وياج تي ملندو، جيڪو اڳ ۾ 15 سيڪڙو هو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀاڻ ۽ ٻين شين تي سبسڊي برقرار رهندي، 5.35 رپيا ٽيوب ويل لاءِ بجلي جو اگهه رهندو،  ڊي اي پي پوري تي 300 جي ايس ٽي ڪمي جو 13.5 ارب اثر پوندو، ڊار چيو ته عام ماڻهو تي ڪو اڻسڌو ٽيڪس ناهي هنيو، بجيٽ ۾ 77 ارب رپين جا ٽيڪس آهن هن چيو ته کير جي حوالي سان هڪ به شيءِ تبديل ناهي ڪئي، کير جي قيمت ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي، کير جون قيمتون وڌڻ به نه گهرجن، ان حوالي سان ميڊيا ۾ ڪردار ادا ڪري، ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ايڪسپورٽ شعبي لاءِ 180 ارب جي پئڪيج جون 2018ع تائين جاري رهندو، سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي مد ۾ 10 لک تائين جي ادائگي 15 جولاءِ، مٿي جي 14 آگسٽ کان بئنڪ اڪائونٽسن ذريعي ڪٽي ويندي، پاڪستان ڊولپمينٽ فنڊ متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي، پرائيويٽ انفرااسٽرڪچر لاءِ بئنڪ قائم ڪئي پئي وڃي.

هلندڙ سال پگهار ۽ الائونس تي خرچ 60 ارب هئا، ايندڙ سال 120 ارب هوندو، بيواهن تي 5 لک تائين هائوسنگ بلڊنگ جا قرض معاف ڪيا ويندا، ماهوار 300 يونٽ بجلي جا قرض معاف ڪيا ويندا ماهوار 300 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين، زرعي ٽيوب ويلن لاءِ سبسڊي برقرار رهندي، جنهن جو خرچ 121 ارب هوندو.اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير چيو ته، هن چيو ته  اسٽيل جي شين تي ٽيڪس هڪ سيڪڙو انهن سان ڳالهين بعد وڌايو آهي، سيمينٽ جي 40 ڪلو گرام ٻوري تي ٽيڪس واڌ جو اثر في پوري 12.5 رپيا کان وڌيڪ نه هوندو، اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان  اسٽيل ڏيڻ جي آڇ سنڌ حڪومت کي ڏيڍ سال اڳ ڪئي، پر ڪو جواب نه مليو، آئون ته چوان ٿو ته ڊسڪوز کي به اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽ ڪري هلائڻ لاءِ خانگي شعبي حوالي ڪيو وڃي، سوئي سدرن ۽ نيشنل بئنڪ کي چيو آهي ته اسٽيل ملز جي ملازمن جي زمين وٺو، باقي معاملن کي حل ڪيو ويندو، ڊار چيو ته کاڌي پيتي جي شين تي ڪو ٽيڪس ناهي هنيو ويو، ان ڪري صوبن کي لکنداسين ته مصنوعي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪن، هن ٻڌايو جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر قرض آيو ته گذريل حڪومت جا 4.7 ارب ڊالر واپس ڪيا آهن، اصلاحات سان ڪيل معاهدي تحت ان کي 3 هزار ملڪيتون ڏيڻيون هيون، اسان انهن کي گهٽائي 100 تائين آندو، باقي اڃا  100 ملڪيتون منتقل ڪرڻيون آهن، 2013ع ۾ گردشي قرض سبب 26 سيڪڙو پيداوار گهٽجي وئي، ادائگين بعد اها صورتحال فقط 0.7 سيڪڙو رهجي وئي آهي، گردشي قرضن تي ڪنٽرول لاءِ لاسز کي گهٽائڻو ۽ اوڳاڙي 90 سيڪڙو کان مٿي وٺي وڃڻو پوندو، مخالف ڌر کي سياست ڪرڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *