Wednesday , April 17 2024

پنج جولائي 1977_ تاريخ جي آئيني۾ _ تصور باقي

1977جي مارشل لا تاريخ جي آئيني۾

 تصور باقي

ڀٽي صاحب جي اقتدار تي راتاهو هڻي ڀٽي صاحب جي حمايت جي ڏوھ ۾ سنڌ مٿان بي پناه ظلم ڪندڙ توڙي ننڍي کنڊ کي اهڙي باھ لڳائي وئي جيڪا اڃا تائين وسامڻ بجاءِ ڀڙڪي پئي.. جنهن سڀ کان وڌيڪ نقصان قومن جي تهذيب تاريخ ۽ ڪلچر کي رسائڻ سان گڏ هن امن انسانيت پسند خطي انتها پسندي جي باه ۾ ساڙيو
ڊڪٽيٽر ضياء الحق جي لڳايل باھ اهڙي نفرت کي جنم ڏنو جو لبرل هندستان گانڌي، سڀاش چندر بجاءِ انتها پسند مودي کي هيرو سمجهي ٿو ؟!
ڀٽائي، سچل، سامي ،شهيد ڀڳت ڪنور رام جي ديس مذهبن جي ماءُ سنڌ ۾ عورتون سنگسار پيو ٿين؟!
بلي شاهه، حق باهو جي ديس ۾ پنجاب ۾ رت جو پلازما ان ڪري نه ڏنو ويو ته ضرورتمند سندن مسلڪ جو ن بلڪه شيعو آ ؟!
باچا خان رحمان بابا جي ديس واسين جي مٿي تي ٻارنهن ئي مهينا بسترا توا مٿن تي ؟!
شاهڪار ڪلچر ۽ معدنيات سان مالا مال ڌرتيءَ بلوچستان واسين سان ت ڀٽي صاحب ب گهٽ نه ڪئي پر ضياء الحق جي پيداوار انتهاپسندي ان خطي ۾ چپي چپي نظر اچي پئي ؟!
۽ ها اهو به تاريخ جو ڪڙو سچ آهي ته ان بدبودار شخص کي ڀٽي صاحب ميرٽ تي نه بلڪه پنهنجو اعتماد جوڳو ساٿي سمجهي ٻين جو حق ماري جونيئر هجڻ باوجود کيس آرمي چيف بڻايو..
سنڌ بلڪه خطي جا باشعور ماڻهو ضياء الحق کي هن خطي جو يزيد سمجهن ٿا

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *