Friday , March 29 2024

پنج ارب 70 ڪرڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن:شرجيل ميمڻ، اشتهاري ڪمپني اورينٽ جي مالڪ محمود هاشمي سميت گرفتار

ڪراچي( اصغر آزاد – سنڌسماءَچار) 6 ڪلاڪن تائين گرفتاري کان بچڻ لاءِ هيلا بهانا ڪندڙ سُڌ سماءَ واري کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ نيٺ ٻڌجي ويو. نيب پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ۽ نظرثاني اپيل رد ٿيڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اشتهاري ڪمپني جي مالڪ محمود هاشمي ۽ اڳوڻي سيڪريٽري انفارميشن سميت 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي؛ اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، شرجيل ميمڻ ضمانت رد ٿيڻ بعد 5 ڪلاڪن تائين عدالتي ڪمري مان ٻاهر نه نڪتو، جنهن کانپوءِ نيب مدد لاءِ رينجرز کي گهرائي ورتو، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مٿس ڪرپشن جا الزام ڪوڙا آهن، ڪيسن کي منهن ڏيندس.

 نيب هٿان گرفتار ٿيلن ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اشتهاري ڪمپني اورينٽ ايڊورٽائيزنگ ايجنسي جو مالڪ محمود هاشمي، اڳوڻو سيڪريٽري اطلاعات ذوالفقار علي شالواڻي، اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر منصور راجپوت، انفارميشن آفيسر سارنگ لطيف چانڊيو ۽ اطلاعات کاتي جو اڳوڻو سيڪشن آفيسر الطاف حسين ميمڻ شامل آهن. سڌ سماءَ واري کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو وجهه وٺي ڀڄي ويو. اڳوڻي ڊائريڪٽر انيتا بلوچ هن ڪيس ۾ روپوش/ ڀاڳيلو قرار ڏنل آهي، جيڪا پرڏيهه ڀڄي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزنل بئنچ اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ، اڳوڻي انفارميشن سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي سميت 14 جوابدارن جون ضمانت ۾ واڌ ۽ نظرثاني واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته رڳو هڪ جوابدار منير رياض جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪئي. عدالت پاران ضمانت ۾ واڌ ۽ نظرثاني واريون درخواستون رد ڪرڻ کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نيب جون ٽيمون سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويون.

ان دوران شرجيل انعام ميمڻ سميت سمورا جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ ويهي رهيا. شرجيل ميمڻ کي نيب جي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ سندس وڪيل ڪوششون ڪندا رهيا، پر نيب عملدارن سندن هڪ به نه ٻڌي. صوبائي وزير ڄام خان شورو، امداد پتافي، ممتاز جکراڻي ۽ ٻيا شرجيل ميمڻ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عدالت پهتا، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه به شرجيل ميمڻ سان فون تي رابطو ڪيو. اڳوڻي صوبائي وزير سميت سمورا جوابدار 5 ڪلاڪن کانپوءِ عدالت کان ٻاهر آيا ته کين نيب رينجرز جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ان دوران اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو. نيب هٿان گرفتار ٿيلن ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري اطلاعات ذوالفقار علي شالواڻي، اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر منصور راجپوت، انفارميشن آفيسر سارنگ لطيف چانڊيو ۽ اطلاعات کاتي جو اڳوڻو سيڪشن آفيسر الطاف حسين ميمڻ شامل آهن.

پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ضمانتون رد ٿيڻ بعد، نيب اشتهاري ڪمپني اورينٽ جي مالڪ مسعود هاشمي، ملازمن عاصم خان، گلزار علي، سلمان منصور، عمر شهزاد ۽ سيد نويد کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز جي گهيري ۾ نيب هٿان گرفتاري وقت ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي رش دوران ڌڪا لڳڻ جي نتيجي شرجيل ميمڻ جي قميص جو بٽڻ ڇڄي پيو. واضح رهي ته پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سميت 17 جوابدار نامزد آهن، جن مان اڳوڻي ڊائريڪٽر انفارميشن انيتا بلوچ کي روپوش ڄاڻايو ويو آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هوءَ آمريڪا ويل آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار فوت ٿي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *