Saturday , April 20 2024

پنجاهه سال گم ٿيل پٽ جو سُور سيني ۾ سانڍيندڙ سردار عطاءُ الله مينگل لاڏاڻو ڪري

ڪرچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) 1970 ۾ اڻسڃاتل ماڻهن پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽ جهور پوڙو پيءُ پُٽ جي جيئري وڇوڙي جو سُور سيني ۾ ئي کڻي لاڏاڻو ڪري ويو، بلوچستان جي پهرئين چونڊيل وڏي وزير ۽ پهرين چونڊيل وزيراعظم ذولفقار علي ڀٽو جي حڪمن تحت حڪومت وڃائيندڙ سردار عطاءُ مينگل 92 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سردار عطاءُ الله مينگل جو نوجوان پٽ 1970 ۾ اڻسڃاتل ماڻهن هٿان اغوا ٿي ويو، جنهن جو اڄ تائين ڪو به اتو پتو پئجي ناهي سگهيو، سردار عطاءُ اللهن مينگل پنهنجي نوجوان پٽ جو نه ڪڏهن تڏو وڇايو نه ڪنهن کان عذرخواهي / تعزيت ورتي، هن بينظير ڀٽو شهيد کان به پٽ جي عذرخواهي/ تعزيت نه ورتي هئي، ان باري ۾ سردار عطاءُ الله مينگل چوندو هو ” منهنجو جوان پٽ کنڀجي گم ٿي ويو يا کڻي چوان ته اغوا ٿي ويو ائين ته ڪنهن جي ڪڪڙ يا ڇيلو به گم ناهي ٿيندو، عذر / تعزيت ڇو وٺان مون کي ته ڪا خبر ئي ناهي ته پنهنجو جواڻ جماڻ پٽ مري ويو آهي يا ماريو ويو آهي، پهريان ٻڌايو، سندس لاش ڏيو ته تعزيتون به وٺندس“. سردار عطاءُ الله مينگل چوندو هو ته سنڌ منهنجو ٻيو گهر آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا سُور ساڳيا آهن ته سورن جو ڪارڻ ۽ سُور ڏيندڙ به ساڳيا آهن، جيڪي ماڻهو سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اختلاف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اُهي پنهنجي گهر ويهي رهن، اسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون نبري پونداسين.

مارچ 1929 ۾ جنم وٺندڙ سردار عطاءُ الله مينگل جو ننڍپڻ لسٻيلي ۾ گذريو جنهن کانپوءِ هو ڪراچي لڏپلاڻ ڪري آيو.عطاءُ الله مينگل کي 25 سالن جي عمر ۾ مينگل قبيلي جو سردرا مقرر ڪيو ويو هو. صاف سنڌي ڳالهائيندڙ بلوچ قومپرست سردار عطاءُ الله مينگل 1970 جي چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ بلوچستان جو سينيئر سياستدان هو. سردار عطاءُ مينگل کي قومپرست اڳواڻ ۽ ملڪي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ مير غوث بخش بزنجو نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽفارم تان عملي سياست ۾ متعارف ڪرايو.

بلوچستان جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ ۽ عملي سياست ڪندڙ سردار عطاءُ الله مينگل 1962 ۾ اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، مير غوث بخش بزنجو سندس اليڪشن مهم هلائي. سردار عطاءُ الله مينگل 1970 ۾ بلوچستان اسيمبلي جي پهرين چونڊ ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿي بلوچستان جو وڏو  وزير چونڊيو ويو، سردار عطاءُ الله مينگل پهرين مئي تي بلوچستان جي پهرين وڏي وزير وزيراعليٰ جو حلف کنيو، سردار عطاءُ الله جي بلوچستان حڪومت 1973ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي. مرحوم عطاءُ الله مينگل قيد جو اقوبتون به برداشت ڪيون هيون ۽ 1973 کان 1977 تائين جيل ۾ رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *