Saturday , April 20 2024

پنجاب حڪومت جماعت الدوه جي امير حافظ سعيد احمد کي 6 مهينن لاءِ نظربند ڪري سندتنظيمن جي سرگرمين تي به پابندي هڻي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

saeed 2

لاهور: پنجاب حڪومت جماعت الدوه جي سرگرمين تي پابندي مڙهيندي جماعت جي امير حافظ سعيد احمد کي به سندس ئي مدرسي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، جماعت الدوه  جي سرگرمين کي بهروڪيو ويو آهي، جيڪو حڪم ايندڙ نئين حڪم تائين لاڳو رهندو.

حافظ سعيد احمد جي جماعت الدوه تي به پابندي لڳائي وئي آهي.سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته حافظ سعيد ۽ ان جي جماعت سميت ڪجهه ٻين جماعت خلاف ڪاررواين بابت هن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس کان ڪجهه ڪلاڪ بعد ۾ پنجاب جي گهرو کاتي پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري حافظ سعيد احمد کي 6 مهينن لاءِ امن نقص وجهڻ جي الزام هيٺ نظر بند ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ سندس جماعت تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

ٻي طرف نظربندي جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد ڪجهه صحافين سان فون تي ڳالهائيندي حافظ سعيد احمد جو چوڻ هو ته ” اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي اهڙي نظربندي ۽ پابنديءَ سان ڪو فرق پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *