Friday , April 19 2024

پنجاب حڪومت جا اداران ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ برداشت نه ڪبو: نيب چيئرمين

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته، ڪرپشڻ ڪيسن جي جاچ ۾ پنجاب حڪومت جا ڪيترائي ادارا سهڪار نه پيا ڪن، هاڻي مستقبل جيڪڏهن اهڙي شڪايت ملي ته پنجاب حڪومت کي ڏکيائيون ڏسڻيون پونديون. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامورا شاهي خاص ڪري پنجاب حڪومت جي ڪجهه کاتن ۽ اٿارٽيز بابت رپورٽس مليون آهن ته اهي ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ ۾ نيب اختيارين سان سهڪار نه پيا ڪن، جنهن کي اڄ تائين برداشت ڪيو ۽ انتظار هيو ته اهي ادارا سڌرندا پر ائين نظر نه پيو اچي. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ کان پوءِ پنجاب حڪومت يا ان جا ماتحت ادار پنهنجو رويو نه سڌاريو ته انهن اداران، ڪاموراشاهي ۽ پنجاب حڪومت کي ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيو؛ پوءِ ڪير ائين نه چوي ته جمهوريت خلاف سازش پئي ٿئي.

جسٽس جاويد رٽائرڊ اقبال جو چوڻ هوته، اهو ضروري آهي ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿيڻ بدران ملڪ ۽ قوم جو وفادار ۽ خدمت ڪندڙ ٿجي. نيب چيئرمين چيو ته نيب جي شاهدن کي هر حال ۾ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي. جاويد اقبال چيو ته جيڪڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته بااثر جوابدار شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سندن ضمانت رد ڪرڻ سميت سمورا اپاءَ اختيار ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *