Thursday , April 25 2024

آغا سراج دراني خلاف هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪيو؛سنڌهاءِ ڪورٽ جي نيب کي هدايت

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي آغا سراج دُراني خلاف جاچ چئن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جاچ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ موجود شاهدين جي بنياد تي فيصلو ٻڌايو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني خلاف نيب جي جاچ واري معاملي ۽ عدالت آغا سراج دُراني جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پُڇيو ته جاچ ڪٿي پهتي؟ جنهن تي هُن عدالت کي آگاهه ڪيو ته آغا سراج دُراني جو رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي، جاچ جاري آهي، جڏهن ته شروعاتي درجي جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. عدالت نيب کي چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي حڪم ۽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊائريڪٽر صاحب! 29 مئي تائين جاچ مڪمل ڪريو ۽ جامع جواب جمع ڪرايو. عدالتسوال ڪيو ته آغا سراج دُراني جي کاتي ۾ ڪيتريون گاڏيون آيون آهن؟ نيب جي جاچ آفيسر چيو ته 25 گاڏيون غيرقانوني طريقي سان خريد ڪيون ويون.

جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ نيب عملدار کان سوال ڪيو ته ٻڌايو ريفرنس ڪيستائين داخل ڪندئو؟ نيب جي جاچ آفيسر چيو ته 4 هفتن جي مهلت ڏني وڃي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل نه ڪئي ته موجود شاهدن جي بنياد تي فيصلو ڏنو ويندو. آغا سراج دُراني جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته منهنجو اصيل جيل ۾ آهي، ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هتي صدين کان ماڻهو جيلن ۾ پيا آهن. آغا سراج دُراني موقف اختيار ڪيو ته منهنجي گرفتاري وارو طريقو قانون جي اُبتڙ هو، مون کي سياسي انتقام تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، منهنجي گهر تي ڇاپي دوران عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي. آغا سراج دُراني درخواست ۾ نيب چيئرمين کي ڌر بڻائيندي استدعا ڪئي ته منهنجي گرفتاري واري طريقيڪار کي غيرقانوني قرار ڏئي جاچ ختم ۽ ضمانت تي آزادي ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *