Thursday , April 25 2024

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ موجود 50 کان وڌيڪ ڪرونا ڪيس لڪائڻ جي ڪوشش

وفاقي حڪومت پاران ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر نه ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت تي دٻاءُ

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار )  پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 50 کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جا تصديق ٿيل ڪيسز هجڻ جو انڪشاف، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب حڪومت وفاقي سرڪار جي هدايتن تي انگ اکر ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيستائين وفاقي سرڪار اجازت نه ڏيندي اصل انگ اکر ظاهر نه ڪيا ويندا. پاڪستان پکڙيل ڪرونا وائرس بريڪ اپ کان لڪائيو پيو وڃي، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ عراق سميت مختلف ملڪن مان پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پهتل ماڻهن مان 50 کان وڌيڪ کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. سنڌ سماءَچار کي وفاقي صحت واري وزارت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ايران، عراق ۽ سعودي عرب سميت ڪرونا متاثر مختلف ملڪن مان واپس آيل ماڻهن مان ڪيترن ئي ماڻهن ذاتي طور تي طبي چڪاسون ڪرايون، جن مان هڪ هفتو اڳ تائين 20 ماڻهن کي ڪرونا جي تصديق ٿئي هئي، جن کي به ظاهر نه ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ موجود وفاقي حڪومت سان واڳيل شخص نالي نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو، ته هن وقت تائين اسلام آباد، راولپنڊي سميت مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن مان ڪجهه ماڻهن جي عمر 60 سالن کان وڌيڪ آهي، هن سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت کي وفاقي  حڪومت پاران منع ڪئي وئي آهي ته في الحال ڪرونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ ظاهر نه ڪيو وڃي، پنجاب جي صحت واري کاتي جي ڪجهه اختيارين وفاق جي ان ڳالهه سان اختلاف به ڪيو آهي، خبر ناهي ته حڪومت اهي انگ اکر آخرڪار ڇو لڪائي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *