Friday , March 29 2024

پريشانين ۾ ڪورنٽائين مرڪز سکر مان مثبت خبر اچي وئي

تافتان مان سکر آندل 63 ڄڻن مان 55 ماڻهن کي صحتمند قرار ڏئي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو

سکر(خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جي ڦهليل وائرس ۾ جتي عوام سڄو پريشان آهي اتي سکر ۾ قائم ڪيل ڪورنٽائين سينٽر مان مثبت خبرون اچڻ لڳيون آهين، ڪورنتائين سينٽر ۾ ترسيل ڪرونا سٽيل 63 ماڻهن مان 55 ڄڻن کي صحتمند قرار ڏنو ويو آهي، صحتمند ٿيل ماڻهن جو واسطو ملڪ جي مختلف عولائقن سان آهي، جن جون ڪرونا اسڪريننگ ٽيسٽون نيگيٽو اچڻ کانپوءِ کين پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. انتگظاميا جو چوڻ آهي ته، تافتان کان سکر پهچايل 63 ڄڻن جي آخري کيپ مان 8 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي، جڏهن ته 55 ڄڻن جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي، جن کي صحتياب قرار ڏئي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، زائرين مان هيل تائين 700 ڄڻن کي صحتياب قرار ڏنو ويو آهي، تازو صحتياب قرار ڏنل زائرين ۾ ڪراچي، گلگت سميت مختلف علائقن جا رهواسي شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *