Friday , March 29 2024

پرويز مشرف وردي جو استعمال ڪري ججز کي نظربند ڪيو:جنرل (ر) انعام الرحمان

Musharraf 01

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) جنرل رٽائرڊ انعام الرحمان چيو آهي ته اڳوڻي صدر ۽ سابق آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف سمورن ڪور ڪمانڊرز جي مرضي کانسواءِ ان وقت جي ججز کي نظربند ڪرايو. جنرل رٽائرڊ انعام الرحمان ججز نظربندي ڪيس ۾ فريادي ڌر / استغاثه جي آخري شاهد طور اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته پرويز مشرف وردي جو غلط استعمال ڪري پاڪ فوج کي بدنام ڪيو.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي انسداد دهشتگردي جي عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪيس جي گواهه ڪرنل (ر) انعام الرحيم پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. پرويز مشرف طرفان اختر شاهه ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ دليل ڏيڻ لاءِ وقت جي استدعا ڪئي. جنهن بعد عدالت ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل جي وقت ڏيڻ جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ڪرنل (ر) انعام رحيم عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ ججن کي نظربند ڪرڻ پرويز مشرف جو ذاتي فيصلو هو، هن چيو ته 3 نومبر جي ايمرجنسي ۾ پرويز مشرف وردي جو غلط استعمال ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ساک کي نقصان پهچايو. عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ججن کي نظربند ڪرڻ ۾ ڪور ڪمانڊرن جي مرضي شامل نه هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *