Friday , April 19 2024

پاڻي جي کڏ مان اولاد کي بچائيندي جيجل امڙ به 4 ٻارڙن سميت ٻڏي فوت

بخشاپور(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڳوٺ جمال چاچڙ ٻاهران پاڻي جي کڏ ڀرسان راند ڪندي 4 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻارڙن جي دانهن تي سندن امڙ به پاڻي جي کڏ ۾ لٿي ته اها به ٻڏي حياتي وڃائي ويٺي. بخشاپور ويجهو مڇي جي تلاءَ جي ڪپر تي راند کيڏندي کڏ ۾ ڪري پيا، ٻارڙن جي دانهن تي سندن جيجل امڙ پهچي کين بچائڻ لاءِ پاڻي جي کڏ ۾ لٿي. ٻارڙن جي امڙ مسمات شورو ٻارڙن کي بچائيندي پاڻ به ٻڏي فوت ٿي وئي ۽ 5 ورهين جي نصيبان، 7ورهين جي فرزانا، 4ورهين جي سويرا ۽ 4 ورهين جو عبدل چاچڙ به ٻڏي فوت ٿي ويا. سمورن ٻڏي فوت ٿيلن جا لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت کڏ مان ڪڍيا. ماءُ ۽ چئن ٻارڙن جا لاش گهر پهتا ته روڄ راڙو پئجي ويو. فوتين جي جنازي نماز بعد جڏهن مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ نيا پي ويا ته سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *