Friday , April 26 2024

پاڻي جي کوٽ،هاري پاران ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو گُل ڪرڻ جي ڪوشش

راڄو خاناڻي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) راڄو خاناڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت جي تباهي بعد انساني جانيون ڳڙڪائڻ ڏانهن وڌڻ لڳي آهي، هڪ هاري پاران پاڻي جي کوٽ سبب فصل نه پوکي سگهڻ سبب ڦاهو کائڻ جي ڪوشش کي ڳوٺاڻن ناڪام بڻائي ڇڏيو. راڄو خاناڻي ۾ پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ هڪ هاري راشو ڪولهي فصل نه ٿيڻ، بُک ۽ قرض کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو گُل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ته، ڳوٺاڻن کيس آپگهات جي ڪوشش ڪندي ڏسي ورتو ۽ کيس بچائي ورتو. راشو ڪولهي دانهون ڪندي چيو ته گذريل 8 مهينن کان شيخاڻي شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري نه چيٽ جو فصلو ٿيو ۽ نه ئي وري ڪَتي جي فصل لاءِ پاڻي آيو آهي، ڏينهون ڏينهن زميندارن جا قرضي ٿيندا پيا وڃون. راشو ڪولهي جو چوڻ هو ته هاڻ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي ۽ ٻچا به بکون ڪاتڻ تي مجبور آهن. اهڙي جيئن کان موت ڀليو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن 40 ورهين جي امجد آرائين ۽ بک ۽ بيرزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *