Wednesday , April 24 2024

پاڻي، ڊيمز معاملي تي ججز بابت اُگرا لفظ ڳالهائڻ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت پهريون ڪيس ٻن ڄڻن تي داخل

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ججز بابت اُگرا لفظ ڳالهائڻ تي اڳوڻي سينٽرفيصل رضا عابدي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي سندس خلاف جاچ شروع ڪري ڏني آهي. اسلام آباد پوليس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، فيصل رضا عابدي خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ 7-اي ٽي اي دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي وٽ داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آحي ته فيصل رضا عابدي هڪ ويب ٽي وي چئنل ” نيا پاڪستان “جي مارننگ شو ۾، چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججز خلاف اگرا جملا ڳالهايا. داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف ڍيو ويو آهي ته، فيصل رضا عابدي جون ڳالهيون، حڪومت، عوام ۽ معاشري ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙڻ برابر آهي. جيڪو عمل اليڪٽرانڪ ڏوهن جي ايڪٽ 2016 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي ڪيترن ئي قائدن خلاف آهي ۽ فيصل رضا عابدي انهن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ڊان اردو آن لائن ايف آءِ اي جي هڪ عملدار جي حوالي سان لکيو آهي ته، اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ونگ ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڪيس جو فريادي سپريم ڪورٽ جي تعلقات عامه (پبلڪ ريليشنز يا ميڊيا) جي آفيسر شاهد حسين ڪمبيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *