Friday , April 19 2024

پاڪ ڀارت وچ ۾ معمولي جنگ به تباهي آڻيندي:وزيراعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي کي خطاب

پاڪ ڀارت وچ ۾ معمولي جنگ به تباهي آڻيندي، جنگ لڳي ته ڪلمو پڙهي ميدان ۾ لهنداسين: وزيراعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي کي خطاب

نيويارڪ(نيوز ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري کي خبردار ڪندي چيو هي ته، ٻه ائٽمي طاقتون آمهون سامهون آهن، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عام رواجي جنگ به لڳي تڏهن به تيل جا اگهه  ئي دنيا ۾ طوفان آڻي ڇڏيندي، اسان جنگ نه ٿا چاهيون، ڪشميرين کي سندن حق خوداراديت ڏني وڃي، جنگ يو اين او والاريل ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميرين سان جهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي، اهڙو ظلم مونسان ٿئي ته مان به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿيندس. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن ۽ ڀارت جو ڪڌو چهرو وائکو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن انتهاپسندن گروپس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن کي درخواست ڪيان ٿو ته پنهنجو مشن پاڪستان اماڻي چيڪ ڪري. عمران خان چيو ته ڀارت سلامي ڪائونسل جي 11 ٺهرائن جي خلاف ورزي ڪندي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي ۽ واڌو فوج اماڻي. ڀارت ڪرفيو لڳائي 80 لک ڪشميرين کي واڙي رکيو آهي، دنيا کي ڀارت جو اصلي ۽ ڪڌو چهرو ڏيکارينداسين ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم وائکا ڪنداسين. عمران خان چيو ته نريندر مودي چونڊ مهم ۾ ” اهو ته ٽريلر آهي، پڪچر اڃا رهيل آهي، پاڪستان کي سبق سيکاريندس“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا.

وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جو آر ايس ايس جو ميمبر آهي، اها تنظيم هلٽر مان متاثر ٿي ٺاهي وئي ۽ آر ايس ايس مسلمانن ۽ عيسائين سان نسل پرستي تي يقين رکي ٿي ۽ ڀارت مان مسلمانن جو خاتمو چاهي ٿي. گجرات جو وڏو وزير هئڻ دوران نريندر مودي آر ايس ايس جي ماڻهن کي مسلمانن جي قتلام لاءِ موڪليو. عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80لک ماڻهن کي جانورن جيان واڙيو ويو آهي، اهو ناهي سوچيو ويو ته ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ بعد ڇا ٿيندو، رتوڇاڻ ٿيندي، عوام رستن تي ايندو ته فوج انهن تي گوليون هلائيندي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 11 هزار عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، اهڙي صورتحال مان جيڪڏهن مان گذرندس ته مان به هٿيار کڻي سگهان ٿو. عمران خان چيو ته دنيا ڪشمير جي حالتن بابت ڄاڻ هئڻ باوجود ڪجهه ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڀارت هڪ ارب کان وڌيڪ جي مارڪيٽ آهي. عمران خان چيو ته عالمي برادري مداخلت نه ڪئي ته 2 ايٽمي ملڪ آمهون سامهون ٿيندا، اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ٿئي ٿي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، هي گڏيل قومن جي آزمائش جو وقت آهي، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏياريو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت کي ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻو پوندو، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. قيد سمورن ڪشميرين کي آزاد ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *