Saturday , April 20 2024

پاڪ فوج لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

  ISPR Twitt 3

پاڪ فوج لياري گينگ وار جي سربراهه ۽ مختلف خطرناڪ ڪيسن ۾ گرفتار عذير بلوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ” عذير بلوچ کي انتهائي اهم ملڪي راز پرڏيهي ڳجهن ادارن وٽ ظاهر ڪرڻ جي الزام هيٺ پاڪ فوج پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي“.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته، عذير بلوچ کي ، ” پاڪ آرمي ايڪٽ/آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 تحت تحويل ۾ ورتو ويو آهي“.

uzair arrest 1

بيڪ گرائونڊ

حڪومت پاران ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، ڀتاخوري، ڀنگ لاءِ اغوائن سميت ٻين ڏوهن جي خاتمي لاءِ 2013 ۾ شروع ڪيل رينجرز جي آپريشن بعد عذير بلوچ فوري طور روپوش ٿي ويو هو، جيڪو بعد ۾ مسقط ڀڄي ويو هو. عذير بلوچ بابت ميڊيا تي خبرون آيون ته، عذير بلوچ کي 29 ڊسمبر تي 2014 تي مسقط مان خشڪي جي رستي دبئي ويندي انٽرپورل کيس دڳ مان ئي سوگهو ڪري ورتو هو.

Rangers press release on Uzair

عذير بلوچ جي خلاف، قتل، ماڻهو مارائڻ، هُل هنگاما ڪرائڻ، ڀتاخوري، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

عذير بلوچ تي رينجرز جي ٻن اهلڪارن کي به مارڻ جو الزام آهي.

عذير بلوچ بابت پاڪستان رينجرز سنڌ جي ترجمان پاران 30 جنوري 2016 تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته “ رينرجز گذريل رات ڪراچي جي مضافاتي علائقي ۾ ڪارروائي ڪري لياري گينگ وار جي سرغنه عذير بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو.

ISPR Twitt 2

عذير بلوچ ڪير آهي؟

لياري واسين جو چوڻ آهي ته، عذير بلوچ ڪراچي جي هڪ ٽرانسپورٽر ماما فيضو جو پٽ آهي. عذير بلوچ جي والد ماما فيضو کي لياري جي هڪ ڏوهاري ٽولي جي سربراهه ارشد پپو قتل ڪيو. پيءُ جي قتل بعد هُن بدلو وٺڻ لاءِ ڏوهن جي دنيا ۾ پيرپاتو.

عذير بلوچ کي رينجرز گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري پهرين فيبروري 2016 تي 90 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو.

عذير بلوچ پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ لياري مان حصو ورتو پڻ ورتو هو، ان کان علاوه 2013 جي عام چونڊن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *