Friday , March 29 2024

پاڪ-افعان سرحدپار دهشتگردي مامرو: پاڪستان کانپوءِ افغانستان به 85 دهشتگردن جي فهرست پاڪستان حوالي ڪري ڇڏي

Pak-Afghan1

پاڪ-افعان سرحدپار دهشتگردي مامرو، پاڪستان کانپوءِ افغانستان به 85 دهشتگردن جي فهرست پاڪستان حوالي ڪري ڇڏي افغانستان جي پرڏيهي وزارت پاران پاڪستاني سرحدن اندر حقاني نيٽ ورڪ ۽ تحريڪ طالبان جي 85 دهشتگردن جي فهرست پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، افعانستان جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ڪئمپن جي فهرست اختيارين جي حوالي ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ پاڪستان پاران 76 دهشتگردن جي فهرست افعان اختيارين حوالي ڪئي هئي. افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته، سندن ملڪ اندر دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث 85 دهشتگردن جي فهرست پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪئي وئي آهي. افغان اختيارين موجب، پاڪستان اندر دهشتگردن جي 32 تربيتي ڪئمپن جي به فهرست پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪئي وئي آهي، اهڙيون ڪئمپس فغانستان ۾ دهشتگردي ڪندڙن کي تربيت ڏني وڃي ٿي. لسٽ ۾ تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جا اهم دهشتگرد شامل آهن، جيڪي افغانسان ۾ ٿيل 60 وڏن دهشتگرد حملن ۾ ملوث رهيا. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث 76 دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي فهرست افغان اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم دهشتگردن خلاف ڪاررواين لاءِ پاڪ فوج اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته، پاڪ – افعان سرحد ويجهو هڪ ملڪ جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي تربيت گاهه موجود آهي. ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته افغانستان جي سرحد ويجهو قائم دهشتگردن جي سکيا مرڪز بابت افغانستان جي اختيارين کي به ڄاڻ آهي پر اهي انهن خلاف ڪارروائي نه پيون ڪن. دهشتگردن جي اها تربيت گاهه پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سيوهڻ سانحي بعد ٿيل اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جا نمائندا به موجود هئا ۽ ان ئي اجلاس ۾ وزيراعظم پاران دهشتگردن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪاررواين لاءِ پاڪ فوج چئي ڇڏيو هو..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *