Friday , March 29 2024

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا 27 کان وڌيڪ مريض هجڻ جي خبر سنڌسماءَچار 10 مارچ تي بريڪ ڪري چڪي

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 28 ٿي ويو آهي: خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا

سنڌسماءَچار وري به سڀني کان اڳتي،27 کان وڌيڪ مريض هجڻ جي خبر 10 مارچ تي بريڪ ڪئي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌسماءَچار خبرون ملڪي ميڊيا کان اڳ بريڪ ڪرڻ جي روايت قائم رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرونا وائرس جي سلسلي ۾ به ملڪ جي سمورن ميڊيا هائوسز کان اڳ ۾ خبرون بريڪ ڪندي رهي آهي. سنڌ سماءَچار 10 مارچ تي خبر هلائي چڪي آهي ( ان نيوز جي لنڪ هيٺ خبر جي آخر ۾ ڏنل آهي ان تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهي سگهو ٿا).

وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا  چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا / تصديق ٿيل ڪيسز جو تعداد 28 ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته، ايران کان واپس آيل پاڪستاني شهرين مان 7 ڄڻن کي ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سٽيل شهرين جو انگ 21 مان وڌي 28 ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته تفتان پهتل زائرين مان شڪ جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن جون ٽيسٽ ڪيون ويون جن مان هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت کي وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ملڪ ۾ 27 کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جا مريض هجڻ بابت ڏهين مارچ تي شايع ڪيل خبر، تفصيل ۽ تاريخ ڏسڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

وڏي وزير جو ڀيڻيويو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، مريضن جو انگ 27 کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *