Saturday , April 20 2024

پاڪستان ۾ 5 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا

ڪرونا کان بچاءَ ۽ روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ واڳيل ادارا غيرسرگرم

عوام جي ذهنن مان ڪرونا جي وبا نڪري چڪي آهي، بازارن، سرڪاري ۽ نجي آفيسز ۾ 10سيڪڙو ماڻهو به ماسڪ جو استعمال نه ٿا ڪن

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ 8 مهينن دوران پنج لک 97 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس جي وبا ۾ مبلتا ٿي چڪا آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق، هن وقت به 3لک 36 هزارن کان وڌيڪ مريض موجود آهن، جن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ، حڪومت پاران ڪرونا جي روڪٿام لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ کانپوءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي فيبروري جي ٻئي هفتي دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪرونا جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد تيزي سان پکڙيل وبا ۾ سموري ملڪ اندر 5 لک97 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، هن وقت پاڪستان ۾ مجموعي طوور تي 3 لک 36 هزارن کان وڌيڪ مريض موجود آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق گذريل 8 مهينن دوران ڪرونا ۾ مبتلا ٿيل 2 لک 91هزار169 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

وفاقي سرڪار پارانا ڪرونا وائرس جي گهٽجي وڃڻ جي دعوائن کانپوءِ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم ڪري ملڪ ۾ تعليمي ادارن سميت سموريون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو هو ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، جنهن ۾ ماسڪ پائڻ بازارن ۾ سماجي وٿي اهم ايس او پيز ۾ شامل هيون. لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد بازارن سميت سرڪاري توڙي نجي آفيسز ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، عام ماڻهن جي ذهنن مان ڪرونا جي وبا جو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي، پر ڪٿي به حڪومت جا واڳيل ادارا ڪرونا جي بچاءَ ۽ روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون آهن. گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن مان 10 سيڪڙو کان به گهٽ ماڻهو ماسڪ جو استعمال ڪري رهيا آهن، آفيسز  ۽ بازارن ۾ سينيٽائزر توڙي سماجي فاصلي جو ڪو به خيال نه پيو رکيو وڃي. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪرونا اوائرس جيئن جو تيئن موجود آهي، پر اهو ڪمزور ٿيڻ ڪري ان جي طاقت گهٽجي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *