Thursday , April 25 2024

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا ٻه مريض ظاهر، سنڌ ۽ وفاقي سرڪار پاران تصديق

ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جو مريض ايران مان جهاز ذريعي آيو، جهاز ۾ کي الٽيو ۽ مٿي سور ٿيو ته کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا ٻه مريض آهن، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي تصديق

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار)چين سميت دنيا 30 کان وڌيڪ ملڪن کانپوءِ ڪرونا وائرس پاڪستان به پهچي ويو آهي، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٻن ڄڻن کي وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا وائرس جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران هڪ سئو ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي شڪ ۾ ضروري ميڊيڪل چيڪ اپس ڪرايا ويا جيڪي سمورا ڪليئر قرار ڏناويا آهن. 26هين فيبروري اربع ڏينهن پاڪستان ڪرااچي جي هڪ نوجوان کي ڪرونا وائرس هئن جي شڪ ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ضروري طبي معائنو ڪري ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن جي رپورٽ ۾ کيس ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي، جيڪا خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، سڀ کان پهريان اُها خبر سنڌسماءَچار جي سوشل ميڊيا پيج تي سنڌ سماءَچار جي آن لائن ايڊيٽر اصغر آزاد اپڊيٽ ڪئئي هئي.

ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌسماءَچار سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته نوجوان 26 فيبروريءَ تي ئي ايران کان پاڪستان هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتو هو، کيس جهاز ۾ الٽيون ۽ مٿي ۾ سخت سُور جي شڪايت ٿي، جنهن کي شڪ جي بنياد تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، نجي اسپتال ۾ مختلف ضروري ٽيسٽ ڪرايون ويون، جن ۾ کيس ڪرونا وائيس جي تصديق ٿي آهي. مرتضيٰ وهان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته، ايران کان هوائي سفر کي به في الحال معطل ڪيو وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪرونا وائرس ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ حڪومت احتياطي تدبيرون شروع ڪري ڏنيون هيون، هن چيو ته ان سلسلي ۾ جلد وڌيڪ قدم کنيا ويندا. صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان جي خاندان جي خاص نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان سان گڏ سفر ڪندڙ ٻين ماڻهن جي ڊيٽا به گڏ ڪئي پئي وڃي. ڪورونا جو ٻيو ڪيس اسلام آباد ۾ سامهون آيو آهي.

وزيراعظم جي صحت واري وزارت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، پاڪستان ۾ ٻه ڪرونا جا ڪيس ظهر ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڪراچي ۽ ٻيو اسلام آباد ۾ آهي، ميڊيا سميت عوام کي اپيل ڪيون ٿا ته اهي ڪرونا جي مرض ۾ مبتلا شخص جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪن، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرونا هئڻ جو شڪ هجي ته فوري طور تي حڪومت جي هليپ لائن 1166 جيڪا ٽول فري آهي تي رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي نه ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *