Friday , April 19 2024

پاڪستان ۾ سڌي سيڙپڪاري،4سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي

سي پيڪ جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻي کانپوءِ بيجنگ کان آمدني گهٽجي وئي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار)  پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سڌي سيڙپڪاري چئن سالن جي انتهائي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي پهچڻ  جو انڪشاف ٿيو آهي، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل منصوبي پاڪ چين اقتصادي راهداري ( سي پيڪ) جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بيجنگ کان آمدني گهٽجي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ” سڌي غير ملڪي سيڙپڪاري/ ايف اي ڊي) 50 سيڪڙو مان به گهٽجي چئن سالن جي انتهائي گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، اي اي ڊي گذريل ان ئي مُدي دوران 3 ارب 47 ڪروڙ 10 لک ڊالرز جي ڀيٽ ۾ اها هڪ ارب 73 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهي آهي. اها صورتحال چين پاران سيڙپڪاري ۾ گهٽائي جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي پيدا ٿي آهي.

سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪندڙ چين پاران مالي سال 2017-18 ۾ 2 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاري گهٽجي مالي سال 2018-19 دوران رڳو 54 ڪروڙ ڊالرز رهي آهي. ٻئي پاسي اهڙن ئي انگن اکرن مطابق آمريڪا مان مالي سال 2017-18 دوران 15 ڪروڙ 50 لک ڊالرز آيا، جڏهن ته مالي سال 2018-19  دوران 57 ڪروڙ 50 لک ڊالر وري واپس ٿي ويا ڇو ته گذريل سال اسلام آباد ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جي ور چڙهي ويا هئا.

ان عرصي دوران برطانيا پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي مَد ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي آئي، برطانيا پاران مالي سال 2017-18 دوران 21 ڪروڙ 20 لک ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 23 ڪروڙ ڊالرز رهي . ساڳي عرصي دوران جاپان مان 11 ڪروڙ 80 لک ڊالرز، ناروي مان 11 ڪروڙ 50 لک ڊالرز، يو اَي اِي مان 10 ڪروڙ 18 لک ڊالرز۽ ترڪي مان 7 ڪروڙ 37 لک ڊالرز جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿي.

”پ پ جا وڏيرا واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪن پيا“: نادر مگسي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *