Thursday , April 25 2024

پاڪستان ۾ ترسيل غير قانوني افغانين ۾ دهشتگرد ڪيترا آهن ڪا خبر ناهي: وفاقي حڪومت

حڪومت پاران پاڪستان مان ڊالر افغانستان منتقل ڪرڻ دهشتگردي ۾ افغانين جي ملوث هجڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو به اعتراف، افغانين کي واپس موڪلڻ جو مطالبو

ڪجهه سالن دوران پاڪستان آيل ساڍا 4 لک افغاني واپس ناهن ويا، انهن مان ڪهڙا دهشتگرد آهن، اسان کي ڪا به خبر ناهي، افغاني هتان کان ڊالرز جون ٻوريون ڀري افغانستان هليا ويا: خواجا آصف جو اعتراف

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار ) قومي اسيمبلي ۾ غيرقانوني ترسيل افغاني پناهگيرن جو پڙاڏو، حڪومت پاران پاڪستان مان ڊالر افغانستان منتقل ڪرڻ دهشتگردي ۾ افغانين جي ملوث هجڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو به اعتراف، افغانين کي واپس موڪلڻ جو مطالبو، قومي اسيمبلي ۾ افغان جهاد دوران جهادي تيار ڪرڻ جو به اقرار. قومي اسيمبلي جي 31 جنوري 2023 تي ٿيل اجلاس ۾ حڪومت ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين مان ڪيترا دهشتگرد آهن ۽ ڪٿي ڪٿي لڪيل آهن انهن جي ڪا به خبر ناهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان آيل ساڍا 4 لک افغاني واپس ناهن ويا، انهن مان ڪهڙا دهشتگرد آهن، اسان کي ڪا به خبر ناهي، افغاني هتان کان ڊالرز جون ٻوريون ڀري افغانستان هليا ويا. خواجا آصف جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ٻج اسان پاڻ پوکيو، جيڪو افغانستان کان هاڻي اسان جي گهٽين ۽ گهرن تائين پهچي ويو آهي، پشاور پوليس لائنز وارو واقعو اي پي ايس سانحي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي خلاف ڪارروائي جو فيصلو قومي سلامتي ڪميٽي ڪندي، سپر پاور جو ساٿ ڏيڻ واري شوق اسان جي معيشت کي بنگلاديش کان به پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اڄ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اڪيلو بيٺل آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن جو ٻيهر ڪَرُ کڻڻ گذريل حڪومت جي پاليسين جي ناڪامي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت موت جي سزا آيل دهشتگردن کي آزاد ڪيو، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پشاور سانحي بابت جاچ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ ايندا، وزيراعظم ايوان کي اعتماد ۾ وٺندو، رانا ثناءُ الله چيو ته پشاور ۽ لاهور جي ورڇ نه ڪرڻ گهرجي، هر محب وطن  جو سوال آهي ته اڳتي ڪيئن وڌجي، پاڪستاني پشاور ڌماڪي تي ڏکايل آهن، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، اسان کي مجاهدين تيار ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، جن مجاهدن کي اسان تيار ڪيو هاڻي اهي دهشتگرد بڻجي ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي اڱاري ڏينهن ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي اپوزيشن ميمبر نور عالم خان چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني افغانين کي واپس موڪليو وڃي، ملڪ ۾ اسان ڪيڏانهن  به وڃون ته رڳو اسان جي ئي چيڪنگ ڪئي ويندي آهي، پر افغانين کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ايران ۾ افغانين کي ڪئمپن ۾ رهايو ويندو آهي، هتي سڄي ملڪ ۾ بنا رنڊروڪ جي رهن ٿا ۽ ڪاروبار ڪري رهيا آهن نور عالم خان چيو ته افغانين جا ڪارڊ به ٺهي ويندا آهن، جيڪڏهن افغاني پاڪستان مان ڊالرز جون ٻوريون ڀري افغانستان کڻي وڃي رهيا آهن ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، نور عالم کي جواب ڏيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغاني صرف 15 لک آهن پر 15 لکن کان وڌيڪ افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا، ٽرانسپورٽ جو سڄو ڪاروبار افغانين جو آهي، ايم اين اي هاشم نوتيزئي چيو ته غير قانوني ترسيل افغانين کي واپس موڪلڻ تائين پاڪستان ۾ امن قائم نه ٿيندو، افغان پناهگيرن لاءِ قربانيون ڏنيون هاڻي کين واپس موڪليو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *