Friday , April 19 2024

پاڪستان ۽ يو اَي اِي ۾ وائٽ ڪالر ڪرائيمز ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو

دبئي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ان گالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته، ٻئي ملڪ انساني اسمگلنگ، منشيات، مين لانڊرنگ ۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيمز خلاف گڏيل سطح تي ڪوششون ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان طرفان دبئي جي بابت جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته، پڌرائي موجب عمران خان دبئي جي ولي عهد شيخ محمد زيد بن سلطان النهيان جي دعوت تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ناڻي وارو وزير اسد عمر، پيٽروليم وارو وزير غلام سرور، توانائي وارو وزير ۽ واپار بابت صلاحڪار سميت ابوظهبي پهتو، جتي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڳ ئي دبئي ۾ موجود هو. وزيراعظم عمران خان جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن جي پڌرائيءَ به جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب ٻنهي ملڪن ڊگهن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ تاريخي لاڳاپن لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي پاڻ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فوري طور وڌائڻ تي اتفاق سميت معاملن ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون فوري طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پڌرائي موجب گڏيل عرب امارتن جي وفد به دوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپاري سطح تي سيڙپ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جنهن جو اجلاس ايندڙ سال فيبروري ۾ دبئي ۾ ئي ٿيندو، اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته ڪميشن جي گڏيل صدارت پاڪستان ۽ دبئي جا پرڏيهي وزير ئي ڪندا، ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جاري معاهدن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ دبئي ٻه طرفي عسڪري سهڪار تي اتفاق ڪندي دفاعي پيداوار ۽ فوجي مشقون وڌائڻ جو اعلان ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي ولي عهد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪندي چيو ته ان ويڙهه ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن دهشتگردي خلاف گڏيل لائحا عمل اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ان کي پاڙئون پٽڻ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته وائٽ ڪالر ڪرائم تي ضابطي لاءِ به معاهدو طئي ٿيو، ان سان گڏوگڏ ڊرگ، انساني اسمگلنگ توڙي مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ به هنگامي قدم کڻڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *