Thursday , March 28 2024

پاڪستان پاڻي جي سخت کوٽ جي منهن ڏيندو،صحت، توانائي، زرات سخت متاثر ٿيندي:يو اين ڊي پي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) گڏيل قومن جي اداري يونائيٽيڊ ڊيولپمينٽ پروگرام / يو اين ڊي پي پنهنجي هڪ تحقيقاتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي، گليشيئر جي گهٽ پگهرجڻ سان سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگاري دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي جنهن سان، مستقبل ۾ پاڪستان پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو. پاڻي جي سخت اڻاٺ جي نتيجي ۾ توانائي، زراعت ۽ انساني صحت سخت متاثر ٿيندا. يونائيٽيڊ نيشنز / گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جو شمار دنيا جي پاڻي جي شديد کوٽ وارن ملڪن ۾ ٿيندو، ڪالهه اسلام آباد ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڻي وهڪرن تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.

يو اين ڊي پي جي تحقيقاتي رپورٽ مطابق گرمي پد ۾ واڌ، سمنڊ پاران زمين ڳڙڪائڻ واري عمل ۽ گليشيئر وارن علائقن جي ندين ۾ ٻوڏ وارن خطرن موسمي برساتن ۾ تبديلي وارن سببن جي ڪري پاڪستان ۾ پاڻي جي وهڪرن ۽ پاڻي وسيلن ۾ شديد کوٽ ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان هن وقت به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي پر تبديل ٿيندڙ موسمي اثرن جي صورتحال اڃا وڌيڪ بدتر ٿيڻ جا امڪان آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، موسمياتي تبديلي سڀ کان وڌيڪ انڊس بيسن واري نظام کي متاثر ڪندي ۽ جيئن ته پاڪستان جي پاڻي جو سڀ کان وڌيڪ دارو مدار انڊس بيسن ۽ ان جي مددگار دريائن تي آهي ۽ سنڌو درياهه سميت ان جي مددگار دريائي وهڪرن جو دارو مدار وري گليشيئر پگهرجڻ تي آهي. جن ۾ هندوڪش، قراقرم ۽ هماليا جا گليشيئر شامل آهن، رپورٽ موجب دريائي وهڪرن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جا فوڊ سيڪيورٽي تي پڻ خراب اثر پوندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، جيئن ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو زراعت جو دارو مدار سنڌو درياهه جي وهڪرن تي آهي. سنڌو درياهه تي پاڻي جون گهريلو ۽ شهري ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پاڪستان ۾ پاڻي جي دستيابي ۾ کوٽ واري عنصر کي نظر ۾ رکندي يو اين ڊي پي سفارش ڪئي آهي ته پاڻي جي کپت کي گهٽايو وڃي ۽ پاڻي کپت کي محدود ڪرڻ لاءِ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ يو اين ڊي پي خبردار ڪيو آهي ته پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڪري زراعت تي ناڪاري اثر پوندا.

يو اين ڊي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي تنهن ڪري زرعي طريقن ۽ فصلن ۾ تبديلي وارن طريقن تي عمل ڪيو وڃي. توانائي جي پيداواري پڻ متاثر ٿيندي خاص ڪري رن آف رور وارن ڊيمن مان بجلي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان کي توانائي شعبي ۾ به بهتري آڻڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ گهرجي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌو درياهه ۾ 25 کان 35 سيڪڙو پاڻي گليشيئر پگهرجڻ سبب ايندو آهي. 35 کان 40 سيڪڙو پاڻي برفباري پوڻ سبب پيدا ٿيندو آهي ۽ باقي برساتن وسيلي ايندو آهي. موسمياتي تبديلي سبب انهن ٽنهي ذريعن تي اثر پيا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 50 سالن کان پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. رپورٽ مطابق سال 1900 کان 1999 تائين 0.6 ڊگري گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو هر ڏهاڪي ۾ 0.1 کان 0.55 ڊگري گرمد پد جي واڌ ٿئي ٿي، پنجاب جي مٿانهن علائقن ۽ اتر بلوچستان جي موسمن ۾ واضح فرق ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو آهي. اولهه بلوچستان ۽ ڏکڻ سنڌ جي علائقن ۾ به گرمي پد ۾ اضافو اچڻ شروع ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *