Friday , March 29 2024

پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي،ملڪ ناڪام رياست ڏانهن وڃي پيو: بلاول ڀٽو زرداري

اڄ پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي،ملڪ ناڪام رياست ڏانهن وڃي پيو، اپوزيشن جون پارٽيون متفق آهن ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ختم ٿيو تنهنجو شو عمران، گو عمران گو، جي نعرن سان ختم ڪيل تقرير دوران حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪارساز سانحي جي ياد ۾ ڪراچي ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، سليڪٽيڊ حڪومت جيڪري اڄ پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي، پاڪستان ناڪام رياست ڏانهن وڌي رهيو آهي سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ فيصلائتي سياست جو وقت اچي ويو آهي، سليڪٽرز کي پنهنجي لاڏلي کي ڇڏڻو پوندو. بلاول چيو ته، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سڄي ملڪ جو عوام هڪ پاسي هجي ۽ سليڪٽرز ٻئي پاسي هجن. قائداعظم جي مزار ڀرسان ڪار ساز سانحي جي 12 هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽي زرداري چيو ته پوري ملڪ جا دورا ڪري سليڪٽيڊ حڪومت کي وائکو ڪندو رهندس، اپوزيشن جون سموريون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق ٿي چڪيون آهن ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو سليڪٽيڊ حڪومت ختم ٿيڻ جي دير آحي ۽ پوءِ تحريڪ انصاف وارِيءَ جي گهر جيان وِکري ويندي.جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين چيو ته، اپوزيشن جي سمورن اڳواڻن خاص ڪري پيپلزپارٽي جي سرگرم اڳواڻن کي جيل موڪلي يا نااهل ڪري اوهان سمجهو ٿا ته ڪامياب ٿي ويا پر اها اوهان جي ڀل آهي. عمران خان ٻڌي ڇڏي، اهڙن حربن سان نه پهريان ڊنا هئاسين، نه هاڻي ڊڄنداسين. بلاول ڀٽو جيل ۾ آصف زرداري کي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آصف زرداري سزا بنا 5 مهينن کان جيل ۾ آهي. بلاول چيو ته هيئنر واپاري، هاري ۽ مولوي سڀ رستن تي اچي ويا آهن، ڇا اهو نئون پاڪستان آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو، اڄ پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي، پاڪستان ناڪام رياست ڏانهن وڌي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته، عمران خان ڪراچي کي دوکو ڏنو ۽ شهر کي لاوارث ڇڏي ڏنو، ڪراچي جا مسئلا آئون پاڻ حل ڪندس، وفاق کان ڪراچي جو حصو کسي وٺندس. عمران خان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ڏئي رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ۾ ايتري اهليت ئي ناهي جو هو 20 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ هلائي سگهي، ماڻهو نئون پاڪستان ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته ڪير ٻڌائيندو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي سامهون گروِي رکيو ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪلڻ لاءِ فيصلائتي سياست ڪئي وڃي. بلاول چيو ته موجوده حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ملڪ جي سلامتي سان کيڏڻ برابر آهي. بلاول چيو ته سليڪٽرز کي پنهنجي لاڏلي کي ڇڏڻو پوندو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سڄي ملڪ جو عوام هڪ پاسي هجي ۽ سليڪٽرز ٻئي پاسي هجن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *