Wednesday , April 24 2024

پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي آهي:برطانوي گهرو وزارت

پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي آهي:برطانوي گهرو وزارت

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل ٻن ورهين جي ڀيٽ ۾ 2018 دوران سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿي، 2014 کانپوءِ ڪراچي جي حالتن ۾ ڊرامائي بهتري آئي آهي، برطانوي گهرو وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته،  دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪندڙ پاڪ فوج جي ساراهه به ڪئي آهي. برطانيا جي گهرو وزارت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، برطانيا جي گهرو وزارت موجب، پاڪستان ۾ گذريل ٻن ورهين جي ڀيٽ ۾ 2018 دوران سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿي، 2014 کانپوءِ ڪراچي جي حالتن ۾ ڊرامائي بهتري آئي. برطانيا جي گهرو وزارت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي واکاڻ ڪئي وئي آهي.  برطانوي گهرو وزارت جي رپورٽ موجب، 2017 کان اڳ پرتشدد واقعن جي دوران مارجي ويلن جو انگ 1585 هو، جڏهن ته 2018 ۾ پرتشدد واقعن ۾ 930 ڄڻا مارجي ويا هئا.

رپورٽ موجب، 2014 ۽ 2017 دوران پرتشدد واقعن جي شرح ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.  برطانوي رپورٽ موجب، 2001 کان 2018 دوران 66 شدت پسند تنظيمن ۽ حامين خلاف پابندي لڳائي وئي.  رپورٽ ۾ دهشتگردن خلاف پاڪ فوج جي قيادت ۾ آپريشن کي به ڪامياب قرار ڏيندي ان جي واکاڻ ڪئي وئي.  رپورٽ ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري ٿيڻ تي 2018کان اڳ 9 مهينن ۾ 83 هزار قبائلي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس آيا.  برطانوي گهرو وزارت جي رپورٽ موجب، 2014 کانپوءِ ڪراچي جي سيڪيورٽي صورتحال ۾ به ڊرامائي بهتري آئي، جيڪا پاڪستان ۾ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻي.  رپورٽ ۾ پاڪستان کي افغانستان جي شدت پسندن جي حملن جي چيلنجز جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *