Friday , April 19 2024

پاڪستان حڪومت پاران ٽئڪس ايمنسٽي اسڪيم تي عالمي ادارن خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران پرڏيهه ۾ لڪايل ناڻو ڏيهه آڻڻ لاءِ اعلانيل ايمنسٽي ٽئڪس اسڪيم تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ معاشي ماهرن پاران خدشا ظاهر ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايمنسٽي اسڪيم تي ملڪي تنظيمن کانپوءِ عالمي مالياتي تنظيمن پاران به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ناڻي واري وزارت کي خط لکي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ايف اي ٽي ايف ناڻي واري وزارت کي لکيل خط ۾ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي فائنانسگ جهڙن معاملن تي پوندڙ امڪاني ارثن تي خدشا ظاهر ڪيا آهن. پاڪستان کي ايندڙ مهيني فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس / ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ کان بچڻ لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ قدمن تي ٻڌل اثرائتا منصوبا پيش ڪرڻا آهن. ان ڏس ۾ ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس طرفان هڪ اي ميل وصول ٿي آهي، جنهن مطابق ٽاسڪ فورس چاهي ٿي ته ايمنسٽي اسڪيم ۾ انهن جي طئي ٿيل اصولن تي عمل ٿئي ۽ عالمي ضرورتن جو خيال رکيو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل ٽاسڪ فورس تي زور ڀريو ته اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي فائنانسگ جهڙن معاملن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي معاملي تي مني لانڊرنگ جي قانونن تحت اڳتي وڌائي رهيو آهي. مفتاح اسماعيل موجب اڃا فنانشنل ٽاسڪ فورس جي خط جو جواب ناهي ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *