Friday , April 19 2024

پاڪستان حڪومت  افغانستان جي امداد شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان حڪومت، افغانستان ۾ طالبان جي باضابطا حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ دوائون، کاڌ خوراڪ جي کيپ رواني ڪئي وئي. پرڏيهي ترجمان پنهنجي  جاري ڪيل بيان ۾آهي ته، پاڪستان حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جي کيپ تي مشتمل سامان افغانستان موڪلي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته، ” سي – 130 “ جا ٽَي جهاز دوائون، کاڌي پيتي جو ٻيو سامان کڻي افغانستان وڃي رهيا آهن، افغان ڀائرن لاءِ امدادي سامان فوري طور تي جهازن ۾ موڪليو ويو آهي، وڌيڪ سامان روڊ رستي اماڻيون ويندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته موجوده ڏکين حالتن ۾ پاڪستان پنهنجي افغان ڀائرن لاءِ هر ممڪن امداد جاري رکندو، عالمي برادري کي به پرزور اپيل ڪيون ٿا ته افغانستان جي عوام جِي مدد لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن به انساني بحران کان بچي سگهجي. پاڪستان کان اڳ ۾ چين به افغانستان لاءِ 3 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي، چين افغانستان جي ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اعلان ڪري چڪو آهي.

Advertisement

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *