Thursday , April 25 2024

پاڪستان جي مشرف جي دور ڏانهن واپسي؟

امريڪي فوجين کي پاڪستان ۾ مستقل نه پر 21 کان 30 ڏينهن جي ٽرانزٽ ويزا ڏني آهي، اُهي مستقل نه رهندا: شيخ رشيد

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ايندڙ امريڪي فوجي مستقل طور پاڪستان ۾ نه رهندا، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته امريڪي فوجين کي ٽرانزٽ ويزا تي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جيڪا  ٽرانزٽ ويزا 21 کان 30 ڏينهن جي هوندي، ان دوران يا ويزا خت ٿيڻ بعد اُهي آمريڪا واپس روانا ٿي ويندا. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته، موجوده حڪومت پاڪستان کي مشرف واري حڪومتي دور ڏانهن نه پئي وٺي وڃي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ حڪومت خلاف عوامي سطح تي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ياد هجي ته انگريزي اخبار ڊان پنهنجي طالبان  جي افغانستان تي قبضي کانپوءِ واري صورتحال کانپوءِ پنهنجي هڪ خبر ۾ چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پرويز مشرف واري دور طرف واپس وڃي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *