Friday , April 19 2024

پاڪستان جو پهريون مجرم قيدي ڪوٽ لکپت جيل مان 6 هفتن لاءِ آزاد

لاهور: نواز شريف ضمانت تي آزادي ملڻ بعد رائيونڊ وڃي رهيو آهي

پاڪستان جو پهريون مجرم قيدي ڪوٽ لکپت جيل مان 6 هفتن لاءِ آزاد ٿي ويو، نواز شريف رات هڪ وڳي ڪوٽ لکپت مان آزاد ٿيڻ بعد پنهنجي گهر رائيونڊ وڃي رهيو آهي. نواز شريف جي آزادي تي ڪارڪنن پاران جهمريون، گلن جي ورکا ڪئي وئي آهي.

لاهور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) عدالت پاران ڪرپشن الزام ثابت ٿيڻ تي قيد ڪاٽيندڙ پاڪستان جو پهريون مجرم سپريم ڪورٽ پاران طبي بنيادن تي ضمانت منظور ٿيڻ بعد ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ٿي وي، نواز شريف جيل مان آزد ٿيڻ کانپوءِ رائيونڊ روانو ٿي ويو. اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ريفنرس ۾ احتساب عدالت پاران مليل 7 سالن جي سزا معطل ڪرڻ کانسواءِ کيس طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي هئي ته نواز شريف جتي به چاهي اُتي علاج ڪرائي سگهي ٿو. نواز شريف جي آزادي بعد جيل مان ٻاهر نڪرڻ تي ن ليگ جي سوين ڪارڪنن نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. جيل جي مک دروازي ٻاهران نون ليگي ڪارڪنن دهل جي ٿاپ تي جهمريون هڻندا رهيا. ڪارڪنن ۽ اڳواڻن نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف جي 50-50 لک رپين جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري ضمانتي مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرايا جنهن بهد نواز شريف جي آزادي جو ريليز آرڊر / روبڪاري جاري ڪيو ويو. ذريعن  جو چوڻ آهي ته،نواز شريف جي آزادي ۾ دير انڪري ٿي جو سپريم ڪورٽ پاران ضمانت ٿيڻ بعد عدالتي اختيارين پاران فيڪس ۽ ٽيڪسٽ پيغام ذريعي ڪوٽ لکپت جيل اختيارين کي اماڻيو هو، جيڪو جيل اختيارين قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته، روبڪاري ڊاڪ ذريعي ڏنو وڃي، جنهن   بعد عدالتي عملو ۽ طارق فضل چوڌري نجي جهاز ذريعي لاهور پهتا ۽ روبڪاري جيل اختيقارين حوالي ڪيو ويو. روبڪارفي جيل اختيارفين کي ملڻ شرط ئي نواز شريف کي آزاد ڪيو ويو، ڇو ته نواز شريف شام کان ئي تيار ويٺو. اسلام آباد جي احتساب عدالت 24 ڊسمبر 2019 تي نواز شريف کي 25 ارب رپين جي العزيزيه ڪرپشن ريفرنس ۾ 7 سال قيد بامشقت سزا ٻڌائي هئي. جنهن بعد نيب نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪري قيد ۾ رکيو ويو هو. نواز شريف هاءِ ڪورٽ ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *