Thursday , April 18 2024

پاڪستان امن پسندي جو ثبوت ڏئي ڇڏيو، ڀارتي ايئرفورس جو ونگ ڪمانڊر آزاد

اسلام آباد / واهگا (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڀارتي اُرهه زورارين جو پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر امن جي قيام لاءِ عملي قدم کڻندي، اڳرائي ڪندي پاڪستان تي حملوڪندڙ ڀارتي ايئرفورس جي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان پاران خطي جو امن  قائم رکڻ لاءِ اڀي نند کي خيرسگالي طور آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،  پاڪستاني عمل جي سعدي عرب، چين، يورپي يونين سميت عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران خيرسگالي ۽ ڀارت پاران پيدا ڪيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيل ڀارتي ونگ ڪمانڊر پائليٽ اڀي نندن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي جمعي ڏينهن عمل ڪري ڏيکاريو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت، سيڪيرٽي اختيارين جي هڪ ٽيم اڀي نندن کي واهگا بارڊر تي کيس ڀارتي بارڊر فورس جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ڀارتي پائليٽ کي واهگا سرحد تي ڀارتي هاءِ ڪميشن اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي آفيس ڀارتي پائليٽ کي سندس ملڪ جي حوالي ڪرڻ متعلق باضابطا طور ٻڌايو ويو آهي. جڏھن ته ڀارتي ايئرفورس جي اتاشي گروپ ڪئپٽن جي ٽي ڪرين اڀي نندن جا سفري دستاويز کڻي لاهور پهتو ھو. واضح رھي ته پاڪستان جي ھوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي جنگي جھاز ڪيرائي پائلٽ اڀينندن کي گرفتار ڪيو ويو ھو، ڀارتي جهاز مگ 21 جي پائلٽ کي وزيراعظم آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، 27 فيبروري تي پاڪستاني حدن جي خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت جي تباهه ٿيل جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *