Saturday , April 20 2024

پاڪستان اسٽيل ملز جي تباهي، نئب ۽ ايف آءِ جاچ شروع نه ڪئي، سينيٽ ڪميٽي پاران ڪاوڙ

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل ملز جي تباهي جي جاچ ڪري ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ بابت سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽنيڊنگ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي ۽ قومي احتساب بيورو پاران جاچ شروع نه ٿي سگهي آهي، سينيٽ جي ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي اسٽيل ملز کي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڪميٽي جي ڏنل سفارشن ۽ هدايتن تي عمل ڪيو وڃي. ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي فنڊن مان غيرقانوني طور تي رقم ڪڍندڙ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ معاملو نئب جي حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، يوٽيلٽي اسٽورز عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڏهاڙي 1 ڪروڙ 70 لک رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، 4 هزار 477 اسٽوز نقصان ۾ آهن، تعداد کان وڌيڪ ملازمن ۽ سيلز ٽيڪس جي ادائيگي کانپوءِ رليف جو مارجن گهٽ ٿي وڃي ٿو، هيستائين 6 ارب 17 ڪروڙ کان وڌيڪ جو سيلز ٽيڪس ادا ڪيو. ڪالهه اربع ڏينهن ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر هدايت الله جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ملازمن جي جمع ٿيل فنڊن کي قرض قرار ڏيڻ غلط آهي، فراهم ڪيل سرڪاري دستاويزن مان لفظ قرض ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي اسٽيل ملز کي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڪميٽي جي ڏنل سفارشن ۽ هدايتن تي عمل ڪيو وڃي. وزارت جي سيڪريٽري خاطري ڪرائي ته ڪراچي اسٽيل ملز جي ملازمن جي غيرقانوني طور تي ڪڍيل رقم جو معاملو سڀاڻي نئب ڏانهن موڪليو ويندو. پاڪستان اسٽيل ملز عملدارن ٻڌايو ته اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين کانسواءِ ٻيا آفيسر ۽ ٽرسٽيز جا نمائندا به غيرقانوني عمل ۾ شريڪ هئا. ڪميٽي جي چيئرمين ڪراچي اسٽيل ملز جي فلاحي اسڪولن جي ملازمن جي ماهوار پگهار حڪومت جي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ڪراچي اسٽيل ملز ملازمن جي بقايائن، پينشن ۽ گريجوئيٽي جو معاملو ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. غريب ملازمن جو معاملو نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين به ان معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خط لکيو آهي. سينيٽر عتيق شيخ چيو ته ڪراچي اسٽيل ملز جي آفيسرن پاران اختيارن جي غلط استعمال تي ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ٻڌايو ته سيپٽمبر 2017ع تائين ڪارپوريشن ۾ 480 ملازم سرپلس هئا، جن کي يوٽيلٽي سيڪيورٽي سروس جي نئين شعبي ۾ رکيو ويندو.

يوٽيلٽي اسٽورز کي ڪمپنين کي 5 ارب 60 ڪروڙ ادا ڪرڻا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز جو ورڪنگ ڪيپيٽل 6 ارب رپين کان هيٺ ٿي 13 ڪروڙ تي اچي ويو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال 37 ارب جي وڪرو جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ماهوار سيل 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا آهي. ايم ڊي ٻڌايو ته موجوده مالي مسئلن ۾ وڪري جو هدف پورو ڪرڻ ته پري جي ڳالهه خسارو گهٽ ڪرڻ به مشڪل هوندو. اجلاس ۾ سينيٽر خانزاده خان، ميان عتيق شيخ، ملڪ نجم الحسن، ڪلثوم پروين، خالده پروين کانسواءِ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي وقتي سي اي او، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سينيٽر هدايت الله چيو ته اسٽيل مل کي وڪڻڻ بجاءِ ان کي هلائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن، سيڪريٽري وزارت صنعت ۽ پيداوار يقين ڏياريندي چيو ته ڪميٽي جي هدايتن تي جلد عمل ٿيندو، هن چيو ته ملازمن جي ”جي پي فنڊ“ جي فراهمي پهرين ترجيح ھوندي، اسٽيل مل جي 20 نومبر کان سيل به بند ڪئي وئي آھي، اسٽيل مل انتظاميا جو چوڻ ھو ته اداري کي شديد مالي بحران جو منهن ڏسڻو ٿو پوي، اسٽيل مل جي اڳوڻي انتظاميا اعتراف ڪندي چيو ته ملازمن جي ”پرويڊنٽ“ فنڊ مان 3 ارب نوي ڪروڙ ۽ گريجوئٽي فنڊ 3 ارب 60 ڪروڙ روپيا غير قانوني طور تي ڪڍرايا هئا، چيئرمين ڪميٽي سينيٽر هدايت الله چيو ته ملازمن لاءِ مقرر ڪيل فنڊن مان ڪوبه ٻيو شخص يا ادارو رقم نٿا ڪڍرائي سگهن، هن چيو ته ملازمن جي فنڊ مان مجموعي طور تي 10 ارب غير قانوني طور ڪڍرايا ويا هئا، هن چيو ته اسٽيل مل سرڪاري ادارو هوندي حڪومتي پاليسي جي ڪيئن ٿو خلاف ورزي ڪري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *