Thursday , April 25 2024

پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو قيام، سنڌ حڪومت ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس خاموش

 

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻن سامونڊي ٻيٽن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ وفاي حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي، پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي اتحادي جِي ڊي اي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪو ب ه موقف سامهون ناهي آيو. وفاقي حڪومت پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري سنڌ جا 2 ٻيٽ آرڊيننس ذريعي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ بابت سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي، جي ڊي اي جو ڪو به آفيشل موقف سامهون ناهي اچي سگهيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه، وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، تعليم کاتي جي وزير سعيد غني، سيد سردار شاهه، سميت ڪنهن به وزير جو ڪو به موقف سامهون ناهي آيو.

ٻيٽن واري معاملي تي جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳارو، فنڪشڻل ليگ جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد صدرالدين شاهه، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن شهريار شهر، حسنين مرزا، شهريار مهر، سميت سنڌ مان چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي جو به ڪو به موقف سامهون ناهي آيو،  ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ساڍي 3 وڳي تائين پي ٽي آءِ ۽ فنڪشنل ليگ سميت جي ڊي اي جي ڪنهن اڳواڻ جو به موقف سامهون اچي ناهي سگهيو.

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جو آرڊيننس به جاري

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

صدارتي آرڊيننس تحت سنڌ جو بُنڊار ۽  ڏنگي سامونڊي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت ٿي ويا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *