Friday , March 29 2024

پاناما ڪيس ۾ روز نوان مفروضا پيش ڪيا پيا وڃ، قطري خط ته هاڻي سڀني کي زباني ياد ٿي ويا آهن: سپريم ڪورٽ

hASSAN nAWAZ2حسن نواز

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ حسين نواز جي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو جو مسودو طلب ڪندي چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ روز نوان نوان مفروضا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سوالن جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته هِي معاملو ڪيئن اڪلائي سگهبو.
سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٻن هفتن بعد پناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا تفصيلي دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسا وزيراعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم کي چيو ته هو عدالت کي مطمئن ڪري ته حسين نواز لنڊن جي فليٽس جو مالڪ ڪڏهن بڻيو.

hASSAN nAWAZ1
سلمان اڪرم چيو ته سندس موڪل 2006 ۾ لنڊن جي فليٽس جو مالڪ بڻيو ۽ ان کان اڳ جي ملڪيت بابت ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري.
جسٽس عظمت سعيد چيو ته مسئلو اهو ئي آهي ته ڪنهن جي طرفان ڪو به ثبوت عدالت ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي.
وزير اعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم چيو ته سندس وٽ جيڪي به ثبوت موجود هئا اهي هن عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن.
بئنچ ۾ شامل جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪا به ڌر پورو سچ سامهون آڻڻ لاءِ تيار ناهي.
جسٽس اعجاز افضل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سوال جواب جو سلسلو شروع ٿي ويو ته بصر وانگر هڪ کانپوءِ هڪ پِتو سامهون ايندو رهندو، اهڙي صورت ۾ سوالن جو سلسلو ڪٿي وڃي دنگ ڪري سگهي ٿو.

Hassan nawaz3
جسٽس عظمت سعيد کوسا ريمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته دستاويزن تي صحيحون ڪنهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيون؟
جسٽس عظمت سعيد جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس ۾ روز نوان نوان مفروضا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سوالن جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته هِي معاملو ڪيئن اڪلائي سگهبو.
عدالت ڪجهه عرصو اڳ حسين نواز جي هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو جو مسودو طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *