Friday , March 29 2024

پاناما اسڪينڊل: جي آءِ ٽي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

JIT NOtice

پاناما اسڪينڊل نيٺ وزيراعظم نوازشريف کي قانوني گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جي وڌيڪ جاچ پڙتال لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي وزيراعظم نوازشريف کي نوٽيس جاري ڪندي 15 جون تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

گڏيل جاچ ٽيم پاران گذريل هفتي 8 جون تي جاري ڪيل نوٽيس ۾ وزيراعظ۾ کي هدايت ڪئي آهي ته، هُو پاڻ سان گڏ سمورا ضروري ڪاغذ پٽ ساڻ کڻي اچي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم کان حديبيا پيپرملز، لنڊن فليٽس خريد ڪرڻ لاءِ فنڊز سميت سموري مني ٽريل بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ هڪ سوال نامو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته جي آءِ ٽي جي نوٽيسز جا سمن وزيراعظ۾ کي ملي ويا آهن ۽ وزيراعظم ميان نواز شريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو.

وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي ته، جي آءِ ٽي جا نوٽيس ملي ويا آهن ۽ وزيراعظم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو.

PM Nawaz 01

ٻي طرف گهرو وزارت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، پاران لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي وئي آهي ته، وفاقي جڊيشل اڪيڊمي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن، 15 جون واري ڏينهن وزيراعظم هائوس کان جڊيشل اڪيڊمي جي اندر ٻاهر ۽ رستي تي سيڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا وڃن.

ٻي طرف ان ڳالھ جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو ته وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيشي وقت جڊيشل اڪيڊمي ۾ داخلا ڪيئن ٿيندي، ڇا وزيراعظم اڪيڊمي جي دروازي تي گاڏي بيهاري پيادل اڪيڊمي اندر جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ ويندو يا کيس گاڏي اندر ڪاهي وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. اعتماد جوڳن ذريعن  سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب وزير اعظم نواز شريف کي گاڏي تي جڊيشل اڪيڊمي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي پر ان سان گڏ ٻي ڪا ب ه گاڏي يا سيڪيورٽي ساڻ ڪري وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *