Thursday , March 28 2024

پارليامينٽ ۽ عدليه آمهون سامهون، چيف جسٽس جا سوئوموٽو اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌ سماءَچار ) پارليامينٽ ۽ عدليا آمهون سامهون ٿي ويا، پارليامينٽ پاران چيف جسٽس جا پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار ختم ڪرڻ لاءِ بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، پاڻمرادي نوٽيس بابت فيصلو ٽن سينيئر ججز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز، اسپيڪر بل ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو. گذريل ڪجهه مهينن کان مختلف معاملن تي عدليا ۽ حڪومتي موقف ۾ اختلافن واري معاملي تي پارليامينٽ ۽ عدليا آمهون سامهون اچي ويا آهن. حڪومت پاران، چيف جسٽس جا پاڻمرادو نوٽيس وارا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ قانونسازي شروع ڪري ڇڏي آهي، حڪومت پاڻمرادو نوٽيس واري معاملي بابت “سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 ” قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، قانون واري وفاقي وپزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل بل تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اسپيڪر بل قانون ۽ انصاف بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي، ڪميٽي “سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023” جو جائزو وٺي اڄ 29 مارچ اربع ڏينهن ئي قومي اسيمبلي کي موڪليندي. قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي پاران جائزو وٺڻ بعد قومي اسيمبلي کي موڪليل بل اڄ ئي منظور ڪرايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *