Wednesday , April 24 2024

پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڀارتي مدد ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ”  پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي ) کي ڀارتي مدد ملي رهي آهي، رياست جي صبر جي به هڪ حد هوندي آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين“، اهو چوڻ آهي سُڌ سماءَ جي وافاقي وزير فواد چوڌري جو. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته، پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سياسي جماعت نه پر هڪ هٿياربند ٽولي جي طور تي منهن ڏينداسين، ٽي ايل پي ”عسڪريت پسند“ ٽولو بڻجي وئي آهي، قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي به هدايت آهي ته، ٽي ايل پي سان ڪا به رعايت نه ٿيندي، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، امن امان برقرار رکڻ، شهرين ۽ سندن ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ کي ڀارتي مالي مدد ملي رهي آهي، ڪير به پاڪستان کي ڪمزور رياست نه سمجهي، اسان القائدا جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي منهن ڏنو، ان وقت به رياست کي ڪمزرو سمجهيو ويو جنهن غلطي جون انهن ڌرين کي بعد ۾ احساس ٿيو. ٽي ايل پي سميت ڪنهن به مائي جي لال ۾ طاقت ناهي ته اهو رياست کي بليڪ ميل ڪري سگهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته، ٽي ايل پي جي احتجاجي مظاهرن دوران هيل تائين 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آحن، جيڪي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ڊاڪٽرن موجب انهن زخمين مان 8 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته پوليس ڪاررواين دوران ٽي ايل پي وارن وٽان 27 ڪلاشنڪوفز مليون آهن، حڪومت ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني احتجاج برداشت نه ڪندي. هن چيو ته سماجي رابطن جي سائيٽس تي موجود ٽي ايل يا ان جي همدردن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *