Friday , April 19 2024

پابندين باوجود سنڌ سميت ملڪ ۾ يومِ علي عه جي موقعي تي ماتمي جلوس، ڪيترائي گرفتار

عزاداري کان روڪڻ ۽ ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت، گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي / لاڙڪاڻو (رپورٽر / خاص نمائندو    سنڌسماچار) ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا پکڙيل هجڻ ۽ ان جي  روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت سميت ٻين صووبن ۾ لاڪ ڊائون باوجود حضرت علي عه جي شهادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ماتلي جلوس ڪڍي عزاداري ڪري مجلسون ڪيون ويون، مختلف شهرن مان لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي تي ڪيترائي عزادار گرفتار، ڪيس به داخل. ايڪهين رمضان تي حضرت علي ڪرم عه جي شهادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان لاڪ ڊائون جي خلاف ورزين جو عمل س نڌ سميت سڄي ملڪ ۾ نظر آيو. ڪراچي ۾ روايت مطابق نشترپارڪ کان ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته صرف 313 عزادارن کي شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي، پر ان جي ابتڙ ماتمي جلوس ۾ هزارين عزادارن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ يوم علي جي مرڪزي مجلس کانپوءِ نشتر پارڪ کان جلوس برآمد ٿيو جيڪو امام بارگاهه حسينيا ايرانيا کارا در تي نهر ٿي ويو. سنڌ حڪومت پاران ايس او پيز تحت جلوس ۾ 3 سئو ماڻهو هجڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ان جي خلاف ورزي ڪندي ماتمي جلوس ۾ هزارين عزادارن شرڪت ڪئي. يوم علي عه جي موقعي تي ايم اي جناح روڊ ۽ صدر واري علائقي ۾ روڊن تي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش آيون.

شڪارپور پوليس يوم علي جي حوالي سان نڪتل ماتمي جلوس کي روڪي ورتو، هڪ سئو کان وڌيڪ عزدار گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيا ويا. شيعا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيو ويو هو، پوليس گرفتارين کان اڳ سمجهائي ها ته جلوس نه ڪڍيو وڃي ها. عزادارن يوم علي جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ته لکيدر پوليس کين روڪي ورتو، هڪ کان وڌيڪ اعزادار گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيا ويا. گرفتار ٿيلن ۾جتوئي هائوس جو ترجمان علي حسن جتوئي، ايم ڊبليو ايم اڳواڻ فدا عباس سميت 100 کان وڌيڪ ماتمي شامل آهن. ماتمي جلوس کي روڪي عزادار گرفتار ڪرڻ بابت شيعا اڳواڻن جو چوڻ هو ته ماتمي جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيو ويو هو، حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. شيعا اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس ماتمي جلوس تي ڪارروائي بدران سمجھائي ها ته ان وقت ئي ماتمي جلوس کي موٽايو وڃي ها. لاڙڪاڻي ۾ به ماتمي جلوس ڪڍيو ويو جنهن  ۾ هزارن جي تعداد ۾ عزادار شريڪ هئا، هڪ موقعي تي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پوليس ۽ عزادرن وچ ۾ چڪريون به ٿيو، پوليس گذريل رات به ڪيترن ئي عزادارن کي حراست ۾ ورتو هو جن کي بعد ۾ ڇڏي ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *