Saturday , April 20 2024

پئسا ناهن ته علاج به ناهي، شڪارپور سول اسپتال ۾ معصوم ٻار ماءُ جي هن ۾ فوت

۽ جڏهن ٽن سالن جو ٻارڙو علاج نه ٿيڻ ڪري شڪارپور سول اپستال ۾ ماءُ جي هنج ۾ دم ڏنو

شڪارپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پئسا ناهن ته علاج به ناهي، سول اسپتال شڪارپور ۾ جيءُ جهوريندڙ ۽ انسانيت لڄائيندڙ واقعي غريب ماءُ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي. شڪارپور سول اسپتال جي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل استاف جي نااهلي جي نتيجي ڻ ٽن ورهين جو ٻارڙو ماءُ جي هنج ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، فوتي ٻرڙي جي بدنصيب امڙ فاطما چيو آهي ته پهريان سول اسپتال ٻارڙي کي کڻي آيس جتي ڊاڪٽرن اسپتال جي عملي علاج نه ڪيو پئسا پيا گهرن، فاطما ٻڌايو ته اتان مايوس ٿي لال بتي ويس.

ٽن سالن جي فوتي ٻارڙي حبيب الله جي امڙ سڏڪندي ٻڌايو ته، اسپتال وارن مونکان ڪئنولا وٺي اچڻ جو چيو، مون کين چيو ته مون وٽ ڏوڪڙ ناهن رڳو ويهه رپيا آهن، ضد ڪيائون ته مان ڪئنولا وٺي آيس ٻه سيون هڻي اسپتال مان گهر وڃڻ جو چيو، فطما جو چوڻ هو ته مون کي چيو ته ٻارڙي کي سخت بخار آهي، هن کي داخل ڪيو بيمار آهي ڪاڏي کڻي وڃان، پر هنن هڪ به نه ٻڌي، نيٺ منهنجو معصوم پٽ منهنجي جهولي ۾ ئي دم ڏنو. فوتي جي امڙ دانهيندي نيٺ پٽ جو مڙهه چنگچي رڪشا ۾ کڻائي وئي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *