Wednesday , April 24 2024

ٽي وي چئنلز تي ” سنڌ ۽ ڪراچي “ چوڻ تي پابندي لاڳو،ڪارروائي ٿي سگهندي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار ) پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ( پيمرا) ” ڪراچي ۽ سنڌ “ چوڻ / پڙهڻ تي پابندي لاڳو ڪندي ٽي وي چئنلز کي هدايت ڪئي آهي ته ” سنڌ ۽ ڪراچي پڙهڻ / لکڻ سان مونجهارا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهن جي دل آزاري ٿئي ٿي. پيمرا پاران ٽي وي چئنلز  کي جاري ڪيل هڪ نوٽيس ذريعي هدايت ڪئي آهي ته، سٽيزن پورٽل ۽ پيمرا کي آن لائن شڪايتون مليون آهن ته ٽي وي چئنلز تي ” ڪراچي ۽ سنڌ “ چيو، پڙهيو/ چيو ۽ لکيو وڃي ٿو، جنهن سان ماڻهن کي دلي تڪليف ملي ٿي ۽ مونجهارا پيدا ٿين ٿيون.

پيمرا پنهنجي جاري ڪيل نوٽيس/هدايت نامي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته، اڄ کانپوءِ ” ڪراچي ۽ سنڌ “ نه پڙهيو ۽ لکيو وڃي پر ان بدران  ” ڪراچي سميت سنڌ “ لکيو / چيو ۽ پڙهيو وڃي، ان سلسلي ۾ پيمرا جي هدايتن کي نظر انداز ڪرڻ تي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي. ياد هجي ته وڏي عرصي کان اردو ميڊيا / اخبارن ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ ڪراچي اور سنڌ لکڻ، چوڻ ۽ پڙهڻ تي سخت احتجاج ٿيندا رهيا آهن. ان ئي سلسلي جي ڪڙي طور پيمرا توڙي ٻين شڪايتي ادارن وٽ آن لائن شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي پيمرا نوٽيس وٺندي ٽي وي چئنلز کي هدايت نامو/نوٽيس جاري ڪيو آهي. پيمرا جي اهڙي عمل کي سنڌ واسين پاران ساراهيو پيو وڃي.

پڪاچانگ ۾ قتل ڪيل استاد عابد چانگ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاج

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *