Tuesday , April 23 2024

ٽول پلازا عملي جو وڪيلن تي تشدد، سنڌ ۾ احتجاج، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي / سکر / خيرپور (رپورٽرز  سنڌ سماءَچار) گذريل ڏينهن ٽول پلازا سکر جي عملي پاران وڪيلن تي تشدد ۽ روزاني جي بنيادن تي مقامي ماڻهن سان زيادتين خلاف وڪيلن جو سڄي سنڌ ۾ احتجاج، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مختلف شهرن ۾ شهرين جو به احتجاج. سکر ۾ ٽول پلازا جي عملي پاران وڪيلن تي تشدد واري واقعي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر ۽ سنڌ بار ڪائونسل سميت مختلف ضلعن جي بار ايسوسيئيشنز جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

ٽول پلزا جي عملي پاران وڪيلن تي تشدد ۽ مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف وڪيل برادري جي سڏ تي لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، سانگهڙ سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سيشن ڪورٽس ۽ تعلقن ۾ به مقامي عدالتن جي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

سنڌ بار ڪائونسل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جَي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ کي تالا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. وڪيلن مطالبو ڪيو آهي ته سکر جي وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو سميت 5 وڪيلن تي تشدد ڪيس ۾ نامزد ٽول عملي کي گرفتار ڪيو وڃي، سکر سميت سڄي سنڌ ۾ ٽول پلازائن جي عملي کي پابند ڪيو وڃي ته اُهي مقامي ماڻهن کان ٽيڪس نه اوڳاڙين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *