Friday , April 19 2024

ٽنڊو محمد خان ۾ 35 آر او پلانٽس بند، شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان

ٽنڊومحمدخان(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آر او پلانٽس نجي ڪمپني اوسيس جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني جي نتيجي ۾ ضلعي جا 35 آر او پلانٽس بند پيل آهن، جنهن  جي نتيجي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ڪري رهواسي پريشان آحن ۽ صاف پاڻي نه هجڻ ڪري بيمارين جي ور چڙهڻ جا خدشا وڌي ويا آهن. آر او پلانٽس بند هجڻ چونڊيل نمائندا به عوام کي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي مهيا ڪري نه سگهيا آهن.  ٽنڊومحمدخان ضلع جي تعلقن ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٽنڊوغلام حيدر ۾ سال 2012 کان کاري پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت جي سهڪار سان آر او پلانٽس پاڪ اور سيس ڪمپني پاران 50 کان مٿي آر او پلانٽس لڳايا ويا هئا. انهن مان 35 آر او پلانٽس سنڌ حڪومت ۽ پلانٽس هلائيندڙ اوسيس ڪمپني جي بي ڌياني سبب غيرفعال بڻجي ويا آهن.

ٽنڊي محمدخان ضلعي جي تعلقي ٽي ايم ڪي جي مختلف ڳوٺن باقر نظاماڻي، پاٽار، خاصپورا، ڀائي خان ٽالپر، الهورايو ملاح، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي وسي ملوڪ شاهه، سعيدپور ٽڪر، علي پور، عرس سٺيو، سعيد متو ، جنهاڻ سومرو. حاجي غلام حسين عباسي ۽ تعلقي ٽنڊوغلام حيدر جي ڳوٺن ڏندو، رحم علي چانگ، مويا، حاجي صوڀو خان چانڊيو، بچل لغاري، حمزو لغاري، طاهرخاصخيلي ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن جن ۾ آر او پلانٽس لڳل هئڻ باوجود عوام کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. ڳوٺن اندر لڳندڙ آر او پلانٽس ۾ ڪوبه چوڪيدار مقرر ٿيل نه آهي جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن مان لکين روپين جي آر او پلانٽس جي مشينري چوري ٿيڻ پڻ معمول بڻيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *