Thursday , April 18 2024

ٽنڊوڄام: ڳوٺ شاهنواز جي گهر مان 7 گهر ڀاتين جا 2 ڏينهن پراڻا لاش هٿ

ٽنڊوڄام: ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو ۾ 7 گهر ڀاتي فوت
www.sindhsamaachar.com

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ  شاهنواز جوڻيجو جي هڪ گهر مان عورتن ۽ ٻارڙن سميت گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جي 7 ڀاتين جي لاشن هٿ اچڻ واري معاملي پوليس ۽ علائقي واسين کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، گهرڀاتين جو موت ڳجهارت بڻجي ويو آهي، ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ جو چوڻ آهي ته لاش 2 ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، ستن ئي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدر آباد منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي خبر پئجي سگهي ٿي. ٽنڊو ڄام ڀرسان اسحاق جوڻيجو جي گهر مان 7 گهر ڀاتين جي هٿ آيل لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن جي سڃاڻپ گهر ڌڻي 55 سالن جي 55 ورهين جو اسحاق جوڻيجو، 45 ورهين جي شهناز زال اشرف حيات عمر جوڻيجو، جواد پُٽ اشرف حيات عمر، 14 سالن جي فائزه ڌيءُ حيات عمر، 13 ورهين جي نِشا ڌيءُ حيات عمر، 12 ورهين جي عليزا ۽ 10 ورهين جي لاريب ڌيءُ حيات عمر جوڻيجو طور ٿي آهي. پوليس لاش تحويل ۾ وٺن بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *