Thursday , March 28 2024

ٽنڊوالهيار ۾ ڪرونا جو زور، ھڪ ڊاڪٽر فوت،67 نوان ڪيس ظاھر

ٽنڊوالهيار( رپورٽ سجاد حسين سنڌسماءَچار) سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار ۾ بہ ڪرونا جي وبا زور وٺي وئي آھي، ھڪ ڊاڪٽر لطيف يوسفاڻي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو، ضلعي۾ ڪرونا جا وڌيڪ 67 نوان ڪيس به ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٽنڊوالهيار ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 284 ٿي ويو آهي. ٽنڊوالهيار واسي ناميارو ڊاڪٽر لطيف يوسفاڻي کي ڪجھ عرصو اڳ ڪرونا وائرس ھئڻ جي تصديق ٿي ھئي، جنھن بعد کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو جتي ھن ڇنڇر ڏينهن دم ڏنو. ٽنڊوالهيار جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڪرونا ٽيسٽ گھٽ ھجڻ سبب مريضن جو صحيح انگ ظاھر نه ٿيو آھي. ضلعي ۾ وبا سٽيل ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آھي انڪري ماڻھن کي احتياط ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *