Thursday , April 25 2024

ٽنڊوالهيار ۾ وڏي پئماني تي ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو خطرو

احساس ڪفالت سينٽر تان رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ بابت ڪي به انتظام نه ٿي سگهيا

ٽنڊو الهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌ سماءَ چار) ٽنڊوالهيار ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڏي پئماني تي  پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ڪرونا احساس ڪفالت پروگرام جي انچارج کي وائرس هجڻ جي تصديق کانپوءِ رقم وٺندڙن ۾ خوف وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران ڪرونا جي وبا ڦهلجڻ کانپوءِ لاڪ ڊائون جي متاثر مستحقن ۾ امدادي رقم ورهائڻ واري احساس ڪفالت پروگرام وائرس پکڙجڻ جو ذريعو بڻجڻ لڳو آهي. ٽنڊي الهيار ضلعي جي احساس سينٽر دارالعلوم جي انچارج کي ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. سينٽر انچارج کي ڪرونا هجڻ کانپوءِ سينٽر تان امدادي رقم وٺندڙن ۾ خوف وارو ماحول آهي. ضلعي انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽر انچارج کي وائرس اڳ ئي هو يا ڪنهن امداد وٺڻ لاءِ آيل مان لڳو آهي ان بابت ته ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي پر، سينٽر انچارج امدادي رقم ورهائڻ وقت سون جي تعداد ۾ ماڻهن سان ملي چڪو آهي، دارالعلوم احساس سينٽر جي انچارج پاران رقم ڏيڻ دوران فنگر پرنٽس ورتيون ۽ پئسا ماڻهن کي ڏنا، اهي پئسا سڄي ضلعي اندر پکڙجي چڪا آهن ۽ اهي ڪرنسي نوٽ به وائرس پکڙجڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. ان بابت ڊي جي هيلٿ، ڊي ايڇ او ۽ ضلعي انتظاميا اڃا تائين ڪا به ڪارروائي يا وري رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ جو ڪو بندوبست ناهي ڪيو.

سنڌسماءَچار جي چيف رپورٽر آفاق ڀٽي جي هڪ ڏينهن اڳ بريڪنگ نيوز، جنهن ۾ ظاهر ڪيل خدشا سچ ثابت ٿيا

سنڌ حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام جي رقم وٺندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *